مختصر خبرون

نوشهروفيروز ضلعي جي اڪثرعلائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ، اٻوجهن جون حياتيون داءَ تي لڳل

معشوق علي سومرو ،نوشهروفيروز
نوشهروفيروز ضلعي جي اڪثرعلائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ، اٻوجهن جون حياتيون داءَ تي لڳل ڪيترن ئي عطائي ڊاڪٽرن ايم بي بي ايس هجڻ جا جعلي بورڊ هڻي ڇڏيا، غريب اٻوجهه ماڻهن جي ڦرلٽ جاري. ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ 300 عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون کليل، غير معياري دوائن جو ڌُڪي تي استعمال هڪ سرنج جو ڪيترن مريضن تي استعمال، مريض چڱو ڀلو ٿيڻ بدران وڌيڪ موذي مرضن جو شڪار. رپورٽ موجب نوشهروفيروز ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون ڏينهون ڏينهن اسپتالون بغير ڪنهن ڊپ جي کلنديون پيون وڃن، ان ڏس ۾ ڪيل سروي نوشهروفيروز ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو انگ وڌي وڃڻ سبب ڳوٺن جا سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ لڳل ايم بي بي ايس ڊاڪٽر جا جعلي بورڊ ڏسي عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ ڊاڪٽر مريض کي سادو سمجهي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۽ لٽڻ ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي نوشهروفيروز ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن جون 300 کان وڌيڪ اسپتالون کلي ويون آهن، جن کي بند ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته نوشهروفيروز جي وچ شهر، ريلوي اسٽيشن ، کنڊا کاهي، کاهي ممن، گجو ، مٺياڻي، مورو، ڪنڊيارو، ، ۽ ٻين علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽر گذريل ڪيترن ئي ورهين کان اسپتال کولي نوشهروفيروز جي روزانو سوين اٻوجهه ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري رهيا آهن ، جڏهن ته شهر ۾ اهڙا ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر مريضن لاءِ آزار بڻيل آهن، جن جي اسپتالن جي آڏو پنهنجا ميڊيڪل اسٽور پڻ کليل آهن، جن ۾ غير معياري دوائون پڻ هلائي عطائي ڊاڪٽر چڱي خاصي آمدني کڻي رهيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري نوسهروفيروز سميت ٻين علائقن ۾ وچڙندڙ بيمارين ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ چمڙي جي بيمارين سميت مختلف بيماريون جنم شامل آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته عطائي ڊاڪٽر اڪثرڪري هڪ سرنج ۽ هڪ وائل ڊوز مختلف مريضن تي استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عام بيماريون ختم ٿيڻ بدران خطرناڪ صورت اختيارڪري رهيون آهن، عطائي ڊاڪٽر هڪ طرف مريضن کي ڪنگال بڻائي رهيا آهن ته ٻئي طرف انساني زندگين سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن، نوشهروفيروز جي سياسي سماجي اڳواڻن گهر ڪئي آهي ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ نجيون اسپتالون بند ڪري سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button