آرٽيڪل

ماهيگير مسئلن جي ڄار ۾

ايوب شان خاصخيلي
Fishermen (640x313)
دنيا جي ٻين ڪمن ۽ مزدوري مان ماهيگيري هڪ سخت محنت طلب ڪم آهي، ماهيگير سخت سردي، گرمي، بارش جهڙيون حالتون هجن پر هو سمنڊ ۾ تيز لهرن سان مقابلو ڪري ٻچن لاءِ روزي جي ڳولا ڪن ٿا. ڪجهه ماهيگير روزاني ۽ ڪجهه هفتيوار هجي يا وري طوفان ۽ جيڪڏهن وڏا هوڙا آهن ته پندرهن ڏينهن کان هڪ مهيني لاءِ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ وڃن ٿا. روزاني يا هفتيوار مڇي جي شڪار تي وڃڻ، ڪراچي جي ويجهن ڪنارن، جزيرن جهڙوڪ ڏنگي، ڀنڊاڙ، آقب دهاڙي، گپ واري وغيره وڃن ٿا، جيڪڏهن گهڻن ڏينهن جو شڪار آهي ته ، ڦٽي، کائي، کڏي، پيٽياڻي، ڇاڻ، دبو، ڪاجر، مل، ڪانئير، ترڇاڻ، گهوڙو، سنهڙي، کوبر، پسني، اورماڙه، گوادر، ڦور، لس ڪنڊ ۽ جيوڻي تائين هليا وڃن ٿا.
مڇي ايڪسپورٽ ڪرڻ تي حڪومت کي ساليانو 18 ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ بچت ٿئي ٿي، پر ان جي جواب ۾ ماهيگيرن لاءِ ڪو به ڊولپمينٽ پيڪيج يا فشريز پاليسي ناهي، جنهن سان ماهيگيرن جي ترقي ٿي سگهي. اڄ ان حوالي سان انهن مسئلن تي ماهيگيرن سان ڳالهه ٻول ٿي، خاص ڪري موجوده حالتن يا ماحول ۾ ماهيگيري لاءِ گذر ڪري رهيا آهن يا مشڪلات سان ڪيئن مقابلو ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان ماهيگيرن متعلق معلومات رکندڙ ڪجهه ماهيگيرن جا تاثر سامهون آيا.
حاجي ابوبڪر چيو ته ڪاروبار مهانگو ٿي رهيو آهي، اڳ هوڙو هڪ لک رپين ۾ تيار ٿيندو هو، هاڻي 6 لکن ۾ مشين، ان دور ۾ 40 کان 50 هزار، هاڻي 3 لک کائي ٿي، اڳ ٺڪڙي وارو رڇ جي هڪ پٽي 30 کان 50 هاڻي 600 رپين ۾ ملي ٿي. تيل راشن مهانگو ٿي ويو، اڳ مهاڻا آزاد هئا، هاڻي 75 سيڪڙو قرضي آهن. هاڻي سيٺ في ڪلو تان هڪ سئو کان ٻه سئو گهٽ ڏين ٿا، انهيءَ ۾ ڪاروبار جي ڌڻي کي 10 هزار اچن ٿا، پر خلاصي تان رقم ڪٽجي ٿي، هڪ هزار ملندو. ٻيو ته ايڪسٽرا هتي رڇ مرمت وارن لاءِ ٻه پتيون ڏين ٿا، ته جيڪڏهن اهو ڪم عورتن تي رکن ته عورتن جي به آمدني ٿي ويندي. مرد ڪيترو به ڪمائي پر جيڪڏهن عورت بچت نه ڪندي ته ڇا ٿيندو.. موبائل جي ڪري به مسئلا آهن، فون تي عورت کي ٻڌايو ته گهڻي مڇي ماري آهي ته قرض کڻي جمعا بازار يا آچر بازار وڃي ٿي.
حل: 15 هوڙا، دلي همدردي وارا في 500 جمع ڪرائين، سال ۾ 60 هزار ، پوءِ ساڳي گروپ واري جي مدد ڪريون، ڀلي (واپس ڪري) ڪٽوتي نه ٿيندي. هاڻي گهر جي سڀني فردن لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي، هڪڙا مڇي جو ڪم ته ٻيا مختلف نوڪروين به ڪن، نه ته گذارو نه ٿيندو.
فاطمه مجيد چيو ته مهانگائي تمام گهڻي آهي، شڪار تي وڃن ٿا ته انجڻ جو آئل ۽ راشن تي ڪافي رقم خرچ ٿئي ٿي ۽ سمورا خرچ ادائيگي بعد مهاڻن کي تمام گهٽ رقم بچي ٿي. ماهيگير وسندين ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه آهي، جيڪو پئسن تي خريد ڪرڻو پوي ٿو، گهٽ روزگار سبب اهي اثر عورتن تي پون ٿا، جنهن سان خاندان ۾ رنجش، ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي ۽ سماجي زندگي متاثر ٿئي ٿي، ٻيو ته جون جولاءِ ۾ شڪار تي پابندي هوندي آهي ته حڪومت کي متبادل روزگار يا مالي مدد ڪري. ماهيگيري جا پراڻا ماحول دوست ۽ روايتي طريقا ختم ٿيندا پيا وڃن ۽ انهيءَ ڪري عورت جي زندگي گهڻو متاثر ٿي رهي آهي، ڇو جو اڳ عورتون هٿ تي رڇ ٺاهينديون هيون، هاڻي مشين جا رڇ آهن، اڳ جهينگن ڇلڻ جا ڇاپرا هئا، جتي عورت مزدوري ڪندي هئي، هاڻي اهي به نه رهيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته فوري پائيدار فشريز پاليسي نافذ ڪري ۽ انهيءَ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، مڇي جا ذخيرا محفوظ ڪري، بريڊنگ سيزن دوران شڪار تي مڪمل پابندي لازمي بڻائي وڃي.
محمد ملاح چيو ته سامونڊي ماهيگيرن لاءِ روزگار گهٽ آهي، قطرو، بولو، چپل گجو وڏي تعداد ۾ مڇيءَ جو ٻچو ماري نسل ڪشي ڪري ڇڏي آهي، ماهيگيري ۾ واپاري ۽ فيڪٽرين وارا شامل ٿي ويا آهن، اڳ گهڻي مڇي هئي ۽ شڪار ڪندڙ گهٽ هئا، پر هاڻي ڌاريا وڌي ويا آهن ۽ ڏيڍ لک آبادي ٿي چڪي آهي، اڳ سڙهه تي ٻيڙا هلندا هئا، جنهن لاءِ سڙهه، اوليون هيون ته اخراجات به گهٽ ٿيندا هئا، رڇ به گهر ۾ عورتون اولارينديون هيون ۽ ڊيزل جو خرچ نه هو. اڳ ڦاٽل رڇ کي ساريو ويندو هو، اڳ جواڻ (مڇيءَ جو وقت) مقرر هو، پر هاڻي مجبورن چوويهه ڪلاڪ ماهيگيري ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي ڪري ماهيگير مڇي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ٿو ۽ خود وري سبزي استعمال ٿو ڪري ۽ ڪيترائي ماهيگير نوجوان ٻين هنڌن تي مزدوري ڪري رهيا آهن ته جيئن گهر جو چلهو ٻري سگهي. حڪومت مڇي جي پابندي (جون ۽ جولاءِ) دوران خاندان کي راشن ڏي ۽ علاج معالج جي سهولت فراهم ڪري.
ناکئو صديق خاصخيلي: ماحوليات کي تباهه ڪرڻ لاءِ تمر جي ٻيلن کي باقاعده سازش تحت وڍرايو پيو وڃي، نقصان وارن رڇن مڇي جي نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ته ماهيگيرن جو ادارو فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جو ڪميونٽي ڊولپمنٽ ۾ ڪو به ڪردار نه رهيو آهي، صرف ڏيکاءُ جا ڪم ڪرڻ سان تبديلي نه ايندي، اسان کي هڪ عام ماهيگير يعني خلاصي جي ترقي ۽ تبديلي لاءِ سوچڻو پوندو.
حاجي گل محمت جت چيو ته ماهيگيرن کي سهولتن جي لحاظ کان ڏور رکيو ويو آهي، هتي پرائيويٽ جيٽيون ته آهن پر حڪومتي جيٽي نه آهي ۽ مڇي کي تازو رکڻ لاءِ ڪو به اسٽوريج ڪونهي. شهري فضلو ۽ فيڪٽرين جو آلوده گند ۽ ڪميڪل وارو پاڻي بنا ٽريٽ جي سمنڊ ۾ وهايو پيوو ڃي، بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، خاص طور ماهيگير وسندين ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب نه آهي، جنهن ڪري غربت سان گڏ وبائي بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن.
غلام مصطفيٰ جت چيو ته ماهيگيرن لاءِ لائيف انشورنس هئڻ لازمي آهي، جنهن جي قسط پڻ سرڪار کي ڀرڻ کپي، ڇو ته سچي زندگي ماهيگيرن کان 7 سيڪڙو ڪميشن ڪٽي وڃي ٿي، پر انهيءَ جي جواب ۾ ماهيگيرن کي ڪجهه به نٿو ملي. ٻين ملڪن ۾ سمنڊ جي شڪار لاءِ ويندڙن کي رعايتي اگهه تي تيل، رڇ، ماهيگيري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ انجڻ ملندو آهي، جڏهن ته اسان وٽ اها سهولت يا رعايت نٿي ملي. پاڻي يا سمنڊ جي حوالي سان ادارن ۾ ماهيگيرن جي نوجوانن کي ملازمت ملڻ کپي، پر هتي غير واسطيدار ماڻهن کي ملازمت ڏني وڃي ٿي.
محمد اقبال چيو ته جون جولاءِ دوران ڪاروبار بند آهي، ٻيڙيون ڪناري لڳل آهن، تيز هوائن سبب ماهيگير سمنڊ ۾ نٿو وڃي سگهي، پر حڪومت پاران ڪا به سهولت يا مدد ڪونهي، بک وگهي ٿورو گهڻو مڇي شڪار ٿئي ٿي، ته وري سنڌ گورنمينٽ جا اهلڪار يا وري پوليس ڇاپو هڻي روزگار کسيو وٺن، مجبوري ۾ قرض کڻون ته وري واپاري گهٽ ريٽ ڏئي گهاڻي ۾ پيڙي ٿو ڇڏي.
مجموعي طور ڏٺو وڃي ته مهانگائي تباهي مچائي ڇڏي آهي، اڳ 27 فوٽ هوڙي جي انجڻ 14 هزارن ۾ ايندي هئي، پر هاڻي 70 هزار جي آهي، 27 فوٽ هوڙي جي قيمت ڏيڍ لک هئي ته هاڻي 5 لک رپين ۾ ٺهي ٿو. اڳ ڍڪڙي ڄار (30 پٽيون) 900 رپين ۾ ته هاڻي 25 هزار جون ملن ٿيون، جيڪي صرف مهينو يا پندرهن ڏينهن هلن ٿيون، اڳ رسا هڪ سئلو ڪلو ته هاڻي 500 رپيا ڪلو آهي، ڪيترن ئي ساحلي علائقن ۾ ٻيڙين کي بيهارڻ لاءِ جيٽيون نه آهن. پورٽ قاسم انتظاميا هاڻي ته ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، چشما ڳوٺ، لٺ بستي ماهيگيرن کي اڪثر رستي کان گذرڻ به نٿي ڏي، هو مڇي جي شڪار لاءِ جيڪڏهن ٻي جاءِ کان گذرن ٿا ته 4 ڪالڪ لڳن ٿا، وقت ضايع ٿيڻ سان تيل جو خرچ وڌي ٿو.
پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ عام ماهيگيرن جو هميشه مطالبو رهيو آهي ته فشريز پاليسي نافذ ڪري ماهيگيرن کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ماهيگيرن جي سمنڊ تي فطري مالڪي تسليم ڪئي وڃي. آخر ۾ سامونڊي بارڊر تي ٿيندڙ گرفتارين واري مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي سنجيده ڪوششون ڪيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button