مختصر خبرون

سکر: ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه عورتون زخمي

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، سکر
بندر روڊ لڳ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه عورتون زخمي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن بندر روڊ جي علائقي گاڏي هاتي لڳ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جون ٻه عورتون نظيران ميراڻي ۽ ڳورهاري عورت نسرين ميراڻي زخمي ٿي پيون، جن کي طبي امداد ڏني وئي، ان ڏس ۾ نظيران ميراڻي پنهنجي والد پرويز ميراڻي سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن الزام هنيو ته منهنجي چاچي رمضان ميراڻي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب آئون زخمي ٿي آهيان، کين گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي پاسي نسرين ميراڻي ٻڌايو ته آئون ڳورهاري آهيان، منهنجي سئوٽ پرويز ميراڻي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي ڪري آئون بيهوش ٿي ويس ۽ هينئر بلڊنگ شروع ٿي وئي آهي، خطرو آهي ته متان ٻار ضايع ٿي ويو هجي، هينئر پرويز ميراڻي پنهنجي ڌيءَ کي زخمي ڏيکاري ڊرامو ڪري رهيو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي جاچ ڪن جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button