مختصر خبرون

سکر: سنڌي جي انقلابي شاعر نثار بزمي جي چوڏهين ورسي ملهائي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،سکر
مرزاپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مرزاپور پاران سنڌي ٻولي جي قومي ۽ انقلابي شاعر نثار بزمي جي چوڏهين ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي شاعرن، اديبن ۽ نثار بزميءَ جي شاگردن قافلي جي صورت ۾ ٻڍل فقير قبرستان وٽ پهچي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، ان کان اڳ ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت شاخ مرزاپور جي سيڪريٽري ساحل جوڳي چيو ته نثار بزمي نفيس ۽ نازڪ جذبن وارو شاعر هو، جنهن مزاجي عشق تي مبني ئي نه پر انقلابي ۽ قومي جذبن سان سرشار شاعري پڻ ڪئي، نثار بزمي جي شاعري آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي ڪري سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن توڙي ٻهراڙي جي جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هڪ جيتري مقبول آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر شاهد سومرو چيو ته نثار بزمي مفلسي واري زندگي گذاري پر هو لکاپتي شاعر هو جنهن لکين شعر لکيا، ان موقعي تي ناچيز نصير ڪنڀر چيو ته نثار بزمي پنهنجي پوري ڄمار سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب کي ارپي آهي پر افسوس جو سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي ان کي صفا وساري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي تقريب کي مخمور مقصود دل، قلندر بخش دل، برڪت انصاري، جوڳي ذوالفقار، آزاد اسد انصاري ۽ ٻين خطاب ڪندي نثار بزمي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آخر ۾ گڏيل ڪرارداد پاس ڪري قلمڪارن سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته نثار بزمي جي اڻ ڇپيل هندي سنڌي گڏيل ڊڪشنري سيمت 14 اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرايا وڃن، نثار بزميءَ جي مزار کي پڪو ڪري سنڌ جي ڪنهن وڏي درسگاهه يا تاريخي جڳهه کي سندس نالي منسوب ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ بيمار اديبن، فنڪارن ۽ ڪلاڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button