مختصر خبرون

سيٺارجه جي سينئر صحافي جي سرڪار واهر نه ڪئي، بيماري سبب بستري داخل

خيرپور (انّا) سيٺارجه جي سينئر صحافي جي سرڪار واهر نه ڪئي، بيماري سبب بستري داخل، وزير اعليٰ سنڌ جي حڪمن باوجود سندس سرڪاري طرح سان علاج نه ٿيو. تفصيل مطابق تعلقه ميرواهه جي علائقي سيٺارجه جي سينئر صحافي گلاب سهتو جي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ سبب بيماري واري بستري داخل ٿي ويو آهي. جڏهن ته سرڪار سندس ڪابه واهر ناهي ڪئي. هوڏانهن وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه پاران ٻه سال اڳ سنڌ سرڪار کي هدايتون ڏنيون ويون هيون ته سندس سرڪاري خزاني مان علاج ڪرائيو وڃي. مگر ان جي باوجود لياقت ميڊيڪل اسپتال ڪراچي مان کيس بنان علاج ڪرڻ جي فارغ ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هو سيٺارجه ۾ گهر اندر بنان ڪنهن علاج جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. سرڪار پاران گلاب سهتو جي ڪابه سار نه رهڻ سبب خيرپور جي صحافين طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرڪار کان گلاب سهتو جي سرڪاري علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ويئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button