ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

رسول آباد ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان هٿياربندن پاران لڄالٽ ڪرڻ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت کان آجا ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چوٿين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروبار نه کليو ، شهري اڃان تائين سراپا احتجاج بڻيل، جسقم جي سڏ تي هنڱورجا قومي شاهراهه تي ڌرڻو 2 ڪلاڪ روڊ بند، جسقم پاران اڄ مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي قيادت ۾ ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، سنڌ ميمڻ اتحاد 10 جولاءِ تي رسول آباد قومي شاهراهه تي ڌرڻي جو اعلان ، هنڱورجا ۾ 11 جولاءِ تي شٽربند هڙتال جو اعلان، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. فريادي جي درخواست تي اڄ ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻيا عملدار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ طلب، گهرو کاتي پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کي هڪ هفتي اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اڳوڻو ايس ايڇ او هنڱورجا ۽ موجودهه ايس ايڇ او کي ساڻ کي رسول آباد وارثن وٽ پهچي ويا، عدالتي درخواست تان هٿ کڻڻ لاءِ منٿون، متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ اجتماعي طور ايس پي آفيس آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
تفصلي رپورٽ موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان هٿياربندن پاران اجتماعي لڄالٽ ڪري گهر مان لکين روپين جو ڌاڙو هڻندڙ وحشي جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت کان آجا آهن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ توڙي انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. جڏهن ته رسول آباد شهر ۾ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چوٿين ڏهاڙي به شهر جو ڪاروبار نه کلي سگهيو. شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪري سوين شهرين علي عثمان ميمڻ، پريل بابو ميمڻ، انور سهتو، عاشق منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد رهبر چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن جسقم جي سڏ تي هنڱورجا ۾ سوين ڪارڪنن تعلقي صدر ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار، اڪبر راڄپر، زاهد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي. مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي جسقم ضلعي خيرپور جي اڳواڻ ايوب لاشاري، علي عثمان ميمڻ ۽ ٻين اعلان ڪيو آهي ته اڄ رسول آباد سانحي جي خلاف جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس خيرپور جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. اڳواڻن چيو ته سوين ڪارڪن متاثر عورتن جي جوابدارن جي گرفتاري تائين اهو ڌرڻو جاري رکيو ويندو. ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ ضلعي خيرپور جي صدر ضمير ڀٽي، ارشاد چنو، سجاد حسين سولنگي ۽ ٻين رسول آباد واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي چيئرمين حاجي عبدالرزاق ميمڻ، احمد ميمڻ، غفار ميمڻ، قمر الدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ 10 جولاءِ تي سڀاڻي رسول آباد قومي شاهراهه وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ گهوٽڪي، شڪارپور، سکر، خيرپور،نوابشاهه، مورو، سعيد آباد، مٽياري ، لاڙڪاڻو، بدين سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميمڻ برادري جا ماڻهو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندا. ميمڻ اتحاد جي احمد ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته 10 جولاءِ وارو تاريخي ڌرڻو هوندو جنهن هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ اسان جو احتجاج رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو.هوڏانهن هنڱورجا شهري ايڪشن ڪاميٽي ۽ شهري اتحاد سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 11 جولاءِ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. ٻئي پاسي رسول آباد ۾ عورتن سان لڄالٽ واري واقعي جي فريادي پريل عرف بابو جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ايس ايس پي خيرپور عثمان غني ، اڳوڻو ايس ايس او هنڱورجا مير امداد ٽالپر سميت ٻين ڌر بڻايل عملدارن کي اڄ عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هن ڏس ۾ پريل عرف بابو ميمڻ ٻڌايو ته اسان سان ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي 7 هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي پر پوليس انتظاميه حقيقي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران پنهنجي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪري ڏوهارين کي بچائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڏوهاري سرعام آزاد گهمي رهيا آهن جيڪي مون سميت همدردن کي به مختلف فون نمبرن تان موتمار ڌمڪيون ڏئي معاملي کي ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن چيو ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي. هوڏانهن گهرو سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز عباسي رسول آباد سانحي جو سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کي 7 ڏينهن جي اندر عورتن سان لڄالٽ واري ڪيس جي سڀني جوابدارن کي گرفتاري ڪري رپورٽ کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي ايس ايڇ او هنڱورجا مير امداد ٽالپر ۽ هنڱورجا ٿاڻي جو ايس ايڇ او امانت علي بروهي ، ايس ايڇ او سيٺارجا امام بخش مٺياڻي کي ساڻ ڪري رسول آباد پهچي سانحي جي متاثرين فريادي پريل عرف بابو ميمڻ، جسقم اڳواڻ علي عثمان ميمڻ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ زور بار وڌو ۽ چيو ته اوهان جي ڪيس جا سڀئي جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. جنهن تي فريادين کتو جواب ڏيندي چيو ته اسان کي صرف ڪوڙا ڏٽا دلاسا ڏنا پيا وڃن پر هاڻي ڪنهن به ڪوڙي واعدي ۽ دلاسن تي اعتبار ناهي. هوڏانهن اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ عورتن شازيا، آسيا، ڪائنات ۽ سپنا انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو اجتماعي طور تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button