آرٽيڪل

حجامن سان واسطو

الطاف شيخ
هيئر ڪٽ ڪرائڻ مهل ڪيترا ماڻهو چاهيندا آهن ته حجام هنن سان خبرون چارون ڪندو رهي. آئون اهوئي چاهيندو آهيان ته هو مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏئي ۽ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي جلدي هيئر ڪٽ مڪمل ڪري مونکي آزاد ڪري.
”مشين سان وار ننڍا ڪريان يا ڪئنچيءَ سان؟“ هر نئون حجام ان قسم جو سوال ضرور ڪندو آهي.

الطاف شيخ
الطاف شيخ

”جنهن سان وڻنئي ان سان ڪر، پر جلد ڪر“ منهنجو جواب هوندو آهي. هو سوناري وانگر آهستي آهستي ٽڪ ٽڪ ڪندو آهي ته يڪدم چوندو آهيانس ته مينا ڪاريءَ جي ضرورت ناهي، بس لوهار وانگر يڪا ڌڪ هڻي ڪم اُڪلاءِ منهنجو ڪنهن سان ملڻ جلڻ ناهي ان ڪري آرٽ ورڪ تي وقت نه وڃاءِ.
جوانيءَ جي ڏنهن ۾ به منهنجو هر حجام کي اهوئي چتاءُ هوندو هو، چاهي هانگ ڪانگ بندرگاهه جو چيني حجام هجي يا پورٽ سوڊان جو حبشي. بئنڪاڪ جي جوان ٿائي ڇوڪري هجي يا ورنا (بلغاريا) جي بلقاني اڌورٽ. انهن ملڪن ۾ جتي ڊينٽسٽ، مالش ڪرڻ وارا، گهرجي صفائي ڪرڻ واريون مايون يا حجام ۽ حجامڻيون، هو پنهنجي ڪم جو اجورو ٽائيم مطابق وٺن. ٽائيم کي اِنگهائڻ لاءِ هو ڪسٽمر سان مٺيون مٺيون ڳالهيون به ڪن. منهنجي چپات لا (ملئي)، تراتڙي ڪوربو (بنگالي)، هڪابا ڪاشيئي (جپاني) يعني ’جلدي جلدي ڪم ختم ڪرڻ جي تنبيهه‘ ڪرڻ تي هو اهو سمجھندا آهن ته آئون شايد کين گهٽ پئسا ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ پوءِ پنهنجو شڪ دور ڪرڻ لاءِ جڏهن پڇندا آهن ته کين خاطري ڪرائڻ لاءِ چوندو آهيان ته ”جلدي ڪرڻ تي پاڻ ٽِپ وڌيڪ ڏيندو سانوَ. توهانجي هن ٻڌرايل ائپرن جي رسي ۾ منهنجو ساهه ٿو گهٽجي“
ڪيترن ملڪن جا حجام اهو به پڇندا آهن ته پٺيان مشين سان خَطَ وٺبا يا رئزر سان. پٺيان وارن جي گولائي رکڻي آهي يا سڌا رکڻا آهن. پوءِ مجبورن مونکي سمجھائڻو پوندو آهي ته ”آئون جهاز تي آهيان ۽ منهنجو جهاز اڄ شام جو مهيني کن جي ڊگهي سفر خاطر توهان جو بندرگاهه ڇڏي رهيو آهي. سو هيئر اسٽائيل تي وقت نه وڃاءِ، هونءَ به منهنجي مٿي تي وار ئي ڪيترا آهن.“
ان تي مونکي هڪ لطيفو ٿو ياد اچي. هڪ پوڙهي عورت جنهن جي مٿي تي فقط ٽي وار هئا بيوٽي پارلر ۾ آئي ۽ حجامڻ کان (جنهن کي اڄ ڪلهه ماڊرن زماني ۾ هيئر ڊزائينر، بيوٽيشن، اسٽائيل سيٽر ۽ الائي ڇا ڇا سڏيو وڃي ٿو) مشورو وٺڻ تي هن چيس ته توهانجي چهري تي جُوڙو صحيح لڳندو. اڃان وارن ۾ هٿ وڌائين ته هڪ ٽُٽي پيو. ” مئڊم ! هاڻ ته چوٽي ئي بهتر لڳندي“ پارلر واريءَ چيو ۽ پوءِ جيئن ئي هن ٻن وارن کي جهلي چوٽيءَ لاءِ وارن کي اِنگڙ وِنگڙ ٿي ڪيو ته انهن ٻن وارن مان به هڪ ٽٽي پيو. پارلر واريءَ هٿ ڪڍي چيو: .منهنجي خيال ۾ پنهنجن وارن کي کليل ئي رکو ته بهتر آهي.“
سمنڊ تي هر ڪو چاهيندو آهي ته هيئر اسٽائيل کڻي ڪهڙو به هجي پر وار ننڍا هجن جيئن اهي يڪدم وڏا ٿي ڪنن ۾ نه چڀن. هونءَ به سمنڊ تي جهاز هلائڻ وارن ساٿين کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿئي ۽ هيئر اسٽائيل کڻي ڪهڙو به هجي مٿو ٽوپيءَ ۾ ڍڪيل رهي ٿو. هونءَ به هانگ ڪانگ کان هونو لولو يا ڪراچي کان ڪيوبا لڳاتار ٽيهه ٽيهه ڏينهن جي ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ ساڳين ساڳين ماڻهن جا ٻوٿ ڏسي ڏسي دل ڪچي ٿي پوندي آهي ۽ اَهاني بَهاني هڪ ٻئي تي چڙ پئي ايندي آهي.
حجام جي ان ادا تي به مونکي باهه لڳندي آهي جڏهن هو اچي اچي آخر ۾ گم ٿي ويندو آهي. لوڻا ڦيرائڻ تي خبر پوندي آهي ته هو دڪان جي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان هڪ ڳري آرسي کڻيو پيو اچي. حجامن جي دڪانن تي سامهون واري ڀت ۾ ته آرسين جا ڍير هوندا آهن پر گراهڪ کي سندس پٺ جي وارن جو اسٽائيل ڏيکارڻ لاءِ اها موبائيل آرسي استعمال ٿيندي آهي جنهن ذريعي هيئر اسٽائيل جا شوقين ڪنڌ کي خوب موڙا ڏئي ائين جا چيندا آهن جيئن Portrait ٺاهڻ وارا آرٽسٽ پنهنجي اسڪيچ ۽ سامهون ويٺل سبجيڪٽ کي ڏسندا آهن. گراهڪ جي مطمئن ٿيڻ تي حجام پنهنجي چپن تي مُرڪ آڻي داد وصول ڪرڻ جي رسيد پيش ڪندو آهي. پر مونکي جيئن ئي هو آرسي سان نظر ايندو آهي ته دڙڪو ڏئي چوندو آهيانس ته” ڏسي ڇا ڪريان؟ اجايو ٽائيم ٿو وڃائين“. ۽ هو ڦلهڙو منهن ڪري آرسيءَ کي اتي ئي پاسي ۾ رکي، آخري touches مڪمل ڪندو آهي.
هڪ ٻي ڳالهه مون نوٽ ڪئي آهي ته ڪراچي ۽ لاهور جا گهڻا غير سنڌي هر سنڌي ماڻهوءَ کي وڏيرو، رئيس، جاهل، خرچائو ۽ هڪ ڇڏي ٻي سان ٻي ڇڏي ٽين سان شادي ڪرڻ وارو سمجھن ٿا. يا گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو آهي. ان تان منهنجو ڪيترن سان بحث به ٿيندو اهي جڏهن ڪو مونکي چوندو آهي ته ”سائين توهان ڪهڙا سنڌي آهيو جنهن فقط هڪ شآدي ڪئي آهي؟“ هاڻ ڪجهه آنڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌي وڏيرن يا پيرن رئيسن هڪ ننڍي هوندي ڏاڏي پوٽي سان ته ٻي ڌارين مان شادي ڇا ڪئي آهي بدنام اسان سڀ سنڌي ٿي ويا آهيون. سچ ته اهو آهي ته ڪيترا غير سنڌي سڏڻ وقت يا مخاطب ٿيڻ تي لفظ ”سائين“ جو استعمال اهڙي انداز ۾ ڪندا آهن جيئن ڪنهن زماني ۾ اسان وٽ بنگالين کي ’بنگالي‘ لفظ سان سڏيو ويندو هو … جنهن ۾ هن جي بي عزتي ڪرڻ جو پهلو نمايان هوندو هو. ”سائين“ هڪ عزت وارو لفظ آهي جيڪو اسين استعمال ڪريون ٿا پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙي ٽون ۾ استعمال ڪن ٿا جو باهه وٺيو وڃي. آئون ڪوشش ڪري ڌارئين کان پنهنجي شناخت مخفي رکندو آهيان پر ان ڏينهن وار ٺهرائڻ دوران هڪ اهڙو ضروري فون اچي ويو جو ان کي بند ڪرڻ بدران ڳالهائڻو پيو. پوءِ مون ڏٺو ته مون وارو حجام جيڪو هڪ قسم جي ڊپ ۾ چئيوان ڪم واري جيان خاموشي سان وار ٺاهي هاڻ خاتمي تي اچي پهتو هو تنهن مونکي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي فلمي ادا سان مٿي تي تري هڻي بي افعالي نموني سان چيو ”سائين! وارن کي رنگ نٿا ڪرايو؟“
مون جواب ڏيڻ بدران کيس اکيون ڏيکاريون. يعني هي ڪهڙي بڪواس آهي. هن کي منهنجي بگڙيل موڊ جي idea ٿي وئي. ان وقت پاسي کان رکيل ٽي وي تي اسانجو وزير اعلا قائم علي شآهه صاحب جرنلسٽن سان ڳالهائي رهيو هو. حجام ان ڏي اکين سان اشارو ڪري چيو: ”ڏاڍو سٺو پيو لڳي.“
مون هڪ دفعو وري غور سان ڏٺو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جي سڄي مٿي ۽ مڇن ۾ هڪ وار به اڇو نظر نه پئي آيو. منهنجي مٿي ۽ ڏاڙهي ۾ ڪو ڪو ڪارو وار هو. بيشڪ خضاب (رنگ) پوڙهن کي جوان بڻايو ڇڏي. سائين شاه صاحب لاءِ ڪير چوندو ته هو اسي سالن جو آهي. پهريون دفعو منهنجي شاهه صاحب سان ملاقات 1963ع ۾ ٿي هئي جڏهن پاڻ وڪيل هو ۽ شوڪت جماڻي ۽ آئون اسان جي دوست جاويد شاهه (ڏاڏا شاهه) سان گڏ هن سائينءَ سان سندن آفيس ۾ ملڻ لاءِ ويا هئاسين. ان وقت منهنجي عمر 18 سال هُئي ۽ شاهه صاحب جي 30 سالن جو ڳڀرو جوان هو. هو ڪاري مٿي سان هن وقت به اهڙو لڳي رهيو هو. خضاب (وارن جو رنگ) واقعي ماڻهن کي جوان بڻايو ڇڏي…. پر نه…. اهو فقط وارن جو رنگ بدلائي ٿو. هنن جي ڳچيءَ جي لڙڪيل چمڙي سندن وڏي عمر جي چغلي هڻيو وٺي ٿي.
مون کي لڳاتار ٽي وي ڏي نهاريندو ڏسي حجام جي همت وڌي.
”سائين اهڙو رنگ ڪندس جو خبر به نه پوندي ته اصلي ڪارا وار آهن يا رنگ ۾ رنڱيل“
مون کيس جواب ڏيڻ بدران دل ۾ سوچيو ته ڪيڏو لاهه آهي! رنگ ڪرڻ بعد چوندو ته سائين توهان ته ٽيهن سالن جا جوان ٿي پيا آهيو ۽ ان قسم جا جملا ٻڌي ڪيترا خضاب لڳل پاڻ کي سچ پچ جوان سمجھڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هن حجام جهڙا استاد اهڙن رنگ لڳل پوڙهن کي، جن کان بنا ٽيڪ جي ڪرسيءَ تان اٿيو به نه ٿيندو آهي، انهن جي شادي به ڪرائي ڇڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو فقط گهوٽ ٿي سهرو ٻڌڻ ۽ گهوڙي تي چڙهڻ جو ئي شوق پورو ڪري سگهندا آهن! ڪيڏو Unnatural لڳي ٿو ته ماڻهو ــ خاص ڪري مردَ، پنهنجي عمر لڪائڻ لاءِ، وارن کي ڪارو ڪري هلن ٿا ۽ پاڻ ئي خوش فهمي جو شڪار بنجن ٿا.
مون طرفان جواب نه ملڻ تي حجام هڪ دفعو واري ”سائين، سائين“ ڪيو. هن کي پڪ هئي ته هي سنڌي ماڻهو پڪ راضي ٿي ويندو ۽ هو ڪجهه روپيا وڌيڪ ڪمائي وٺندو.
”نه بابا! مٿي تي وار ئي ڪيترا آهن“ مون ماٺ ۾ رهي حجام کي شڪ ۾ رهڻ بدران کيس دليل، سان انڪار جو اظهار ڪيو جيئن هو هاڻ خاموش ٿي وڃي ۽ ان ڳالهه جي پچر ڇڏي ڏئي يا ڪو ٻيو بيوقوف وڃي ڳولهي.
”سائين اهو ته ڪو مسئلو ئي ناهي.“ حجام يڪدم وراڻيو. لڳي ٿي ته هن پنهنجين چٽ پٽين ڳالهين سان ڪيترن ئي مون جهڙن پوڙهن کي جوان ٿيڻ جا خواب ڏيکاري پئسو ڪمايو آهي. هن مونکي به پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ ٿي چاهيو. هن کي ڪهڙي خبر ته آئون خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي گهاٽ جو پاڻي پي هتي پهتو آهيان. هن ته اهوئي سمجھيو ٿي ته آئون ڪو وڏيرو آهيان ۽ فصل لهڻ تي جيڪب آباد يا گهوٽڪي کان هتي اچي نڪتو آهيان.
”سائين اسان وِگون به ٺاهيندا آهيون توهان حڪم ڪريو ته بهترين wig جو هينئر ئي آرڊر ڪري ڇڏيان.“
مون کي ذري گھٽ کل ٿي آئي ته هي غلط گھوڙي تي شرط هڻي رهيو آهي. هاڻ هن کي ڇا ٻڌايان ته انهن ڳالهين جو مونکي جواني ۾ به شوق نه هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وارن کي هر هر ڏامر جهڙو رنگ هڻڻ کان نقلي وارن يعني Wig ۾ ماڻهو سمارٽ ٿو رهي. مون به پنهنجي ڪجهه جهازران دوستن جي شوق ڏيارڻ تي هڪ دفعي جرمني جي بندرگاهه هئمبرگ مان هڪ عدد وِگ خريد ڪئي هئي. ان وقت منهنجي عمر 26 سال کَن هُئي. وِگ اهڙي ته سٺي ۽ منهنجي وارن سان مئچنگ ڪاري رنگ جي هئي جو ڪنهن ڌارئين کي خبر ئي نٿي پيئي ته اهي وار اصلي آهن يا نقلي. جرمني جي سخت سيءَ ۽ ٿڌين هوائن کان مٿي کي به گرم رکيو ويٺي هُئي پر مونکي خبر ناهي ڇو نفسياتي طرح هر وقت اهو احساس ٿيندو رهيو ٿي ته منهنجي مٿي ته ڄڻ ڪا ڪاري ڪڪڙ آري تي ويٺي آهي. هئمبرگ شهر جي گپا گيهه وارين گهٽين مان هلندي يا رش اور ۾ ٽرين ۾ سفر ڪندي، هر وقت اهو ڊپ ٿيڻ لڳو ته ڪنهن جو هٿ يا ٺونٺ منهنجي وِگ کي نه لڳي وڃي ۽ ڪاري ڪڪڙ ڦڙڪو ڏئي مٿي تان اُڏامي وڃي ۽ مونکي ڀري بازار ۾ اُگهاڙو ڪري وڃي. سچي ڳالهه اها آهي ته ائون ٻن ڏينهن ۾ سخت بيزار ٿي پيس. دل چيو ٿي ته هئمبرگ شهر جي ڪنهن ڪئنال وٽان لنگھندي هن ڪاري ڪڪڙ کي کڻي ان ۾ ڦٽو ڪريان. پر پئسو جو خرچ ڪري ويٺو هوس سو مجبوراً اها ڪاري ڪڪڙ مٿي تي رکي هلڻي پيئي ٿي پر پوءِ ان مصيبت مان مونکي جلد ئي نجات ملي وئي. هفتي کن بعد جيئن ئي اسانجي جهاز هئمبرگ مان لنگر کڻي ائنٽورپ (بيلجم) جو رخ ڪيو ته رستي تي سامونڊي تيز هوائن جهاز کي وڪوڙي ورتو ۽ ان خراب موسم جو پهريون شڪار منهنجي وِگ ٿي. جهاز جي ڊيڪ تان هلندي هوا جو جھونڪو اهڙو تيز لڳو جو منهنجي مٿي تان وِگ اڏامي لهرن حوالي ٿي وئي. اهو لقاءُ ڏسي مونکي افسوس بدران خوشي ٿي. ان بعد ڪنهن کي مٿي تي وگ ڏسندو آهيان ته مونکي ان شخص لاءِ همدردي ٿيندي آهي.
سائين وڏو مسئلو آهي وگ به! مسجد ۾ هڪ همراهه وگ مٿان ٽوپي پائي ايندو آهي. وضو ڪرڻ وقت ٽوپي لاهيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وگ ڪري پوندي اٿس. مسجد جو ڪٽر ملون هن تي هميشه خارون کائيندو آهي ۽ چوندو آهي (ٿي سگهي ٿو صحيح به هجي) ته وِگ لاهڻ بنا وضو نٿو ٿئي، جيئن وضو ڪرڻ لاءِ عورتن کي ننهن تان پالش لاهڻ کپي. ڪيترا ماڻهو ان ڊپ کان ته متان ٻين کي خبر پوي ته هو گنجا آهن ڏينهن رات وگ لڳايو هلن يعني ڪاري ڪڪڙ کي مٿي تي رکي سير ڪرائيندا وتن. نتيجي ۾ انهن نقلي وارن ۾ فنگس لڳيو وڃي. ڪن حالتن ۾ جوئون به پيدا ٿيو پون.
بهرحال مٿي تي وارن جي ڏڪار مونکي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به ڪو گهڻو پريشان نه ڪيو. ڪئڊٽ ڪاليج يا نيول اڪيڊمي ۾ سڀني کي Crew Cut ڪرائڻي ٿي پئي. ڪنهن جا به وار وڏا نه هئا جو هو وحيد مراد يا دليپ ڪمار وارا گل ڪڍي هلي ۽ اسان کي ڏسي ائين ڪرڻ تي ريس ٿئي. البت ڏاڙهي ڪوڙڻ منهنجي لاءِ مسئلو هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ سيفٽي ريزر به اڄ جهڙيون ماڊرن نه هونديون هيون. وار کهرا هجڻ ڪري اڪثر cut لڳندا هئا ۽ روزانو shave ڪرڻ مون لاءِ تڪليف واري ڳالهه هوندي هئي. بهرحال جهاز هلائڻ وارا پنڌرهن کن سال فرحت رهي جو سمنڊ تي هفتو هفتو شيو نه ڪندو هوس Shave فقط بندرگاهه اچڻ ۽ ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت ڪندو هوس. ملائيشيا ۾ ڪناري واري نوڪري ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن شيو ڪندو هوس…… ڪڏهن ته ٽئي ڏينهن ڪندو هوس. پوءِ جنهن ڏينهن Shave نه ڪندو هوس ان ڏينهن پنهنجي باس داتڪ ڪئپٽن حمزي جي منهن تي نه چڙهندو هوس. ان کان لڪندو وتندو هوس. اهو ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندو هو ته ”مسٽر الطاف! شيو ڪرڻ سان تون وڌيڪ سمارٽ ٿو لڳين“ ۽ آئون هن ۽ ٻين ملئي ۽ چيني ساٿين کي چوندو هوس ته هڪ آئون ئي سورن ۾ آهيان. توهان سڀني کي ڪو کنڀ کنڀ ڏاڙهيءَ جو آهي! مون کي حيرت ٿيندي هئي ته مون سان گڏ هڪ ئي آفيس ۾ وهندڙ چيني چيف انجنيئر ”لائو سَين“ کي ته ڏاڙهي بدران کاڏيءَ تي فقط ٽي وار هئا جيڪي هو هفتي ۾ هڪ دفعو آفيس جي واش روم ۾ لڳل آرسيءَ اڳيان نچڪڻو (Tweezers) کڻي، ڇڪي ڪڍندو هو. خود منهنجي باس کي به ٻُچي ڏاڙهي هئي بلڪ ست اٺ وار مس هئا، جيڪي هفتي کن بعد ٿورا وڏا ٿيندا هئا ته ڪئنچي سان ڪٽيندو هو. هو ۽ منهنجا ڪجهه ٻيا ساٿي، خاص ڪري ملئي مسلمان، مون سان همدردي ڪرڻ بدران خواهش ڪندا هئا ته اهڙي گهاٽن وارن واري ڏاڙهي شل کين هجي. هو مونکي اهائي صلاح ڏيندا هئا ته آئون ڏاڙهي رکرايان جو بقول هنن جي ڏاڙهيءَ سان وڌيڪ سهڻو لڳندس. ”ملئي ڇوڪريون ڏاڙهي واري تي مرن ٿيون.“
”پر هتي ته سڀ شآگر نَر آهن. اهي فقط سمنڊ تي درپيش ايندڙ مسئلن جا حَل ٿا گهرن باقي رهيون ڪلارڪ ڇوڪريون صباريا، روحيدا ۽ فاطمه وغيرهه …….. انهن لاءِ آئون هرگز نه چاهيندس ته هو منهنجي ڏاڙهي تي مرن……… پوءِ ٽائيپنگ جهڙا ڪم ڪير ڪندو؟“ آئون کلي کين جواب ڏيندو هوسان. ان بعد منهنجو سئيڊن رهڻ ٿيو.
سئيڊن ۾ مڪاني گورا اسلام قبول ڪرڻ بعد ڏاڙهي به رکرائين ٿا. هڪ جانورن جو ڊاڪٽر مون کي به چوندو هو ته ڏاڙهي رکراءِ سٺي ڳالهه آهي.
”يار توهان گورا چڱا نوان مسلمان ٿيا آهيو. نماز ۽ روزي سان گڏ ڏاڙهيءَ تي به کڻي زور ڏنو اٿانو! ”آئون چوندو هوس.
”نه يار! ڏاڙهيءَ سان مرد ٺاهوڪو ٿو لڳي“ اسٽاڪهوم شهر جو رهاڪو، جانورن جو ڊاڪٽر چوندو هو.
”ڌوڙ ٿو ٺاهوڪو لڳي! ٻڪر ٿو لڳي“ منهنجي ان چوڻ تي هن کي ٿورو ڏک ضرور ٿيندو هو ۽ آئون ساري! ساري! جي تسبيح پڙهي هن جي موڊ صحيح ڪري ڇڏيندو هوس.
هڪ ڏينهن ٻارن کي جانورن جي باغ (Zoo) ۾ وٺي ويس ته ڊاڪٽر سان اوچتو ملاقات ٿي وئي. هو شينهن واري پڃري وٽ نظر آيو ۽ ٻڌائين ته ٽي ڏينهن اڳ هن شينهن کي وات ۾ ڦرڙي نڪرڻ ڪري هن جي ٿوري گهڻي سرجري ڪرڻي پيئي هئي ۽ اڄ هو هن کي ڏسڻ آيو آهي. مون شينهن ڏي ڏٺو هو هڪ عجيب جانور لڳي رهيو هو. سندس منهن ۾ نه اها دهشت هئي نه سوڀيا. پوءِ مون محسوس ڪيو ته آپريشن خاطر ڊاڪٽر هن جي چهري جا وار (ڏاڙهي) ڪٽي هن کي شينهن بادشاهه مان کدڙو گدڙ بنائي ڇڏيو آهي. مونکان کل نڪري وئي:
”ڊاڪٽر! هي جنگل جو بادشاهه بنا ڏاڙهيءَ جي ته هڪ مسخرو ٿو لڳي!“
ڊاڪٽر مون ڏي طنز وارن نظرن سان ڏسي هائوڪار ڪئي: ”جي ها! ڏاڙهيءَ بنا هر نَرُ ائين لڳندو آهي.“
”سائين ڏاڙهيءَ کي ڪجهه trim ڪريان؟“ حجام جي ڳالهائڻ تي مونکان ڇرڪ نڪري ويو. ”نه بابا! هيئر ڪٽ ڪافي آهي. ڏاڙهي وڏي ئي رهڻ ڏي.“ مون وراڻيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button