ملير

ملير جي مقاني ادارن ۾ مالي بدعنوانين خلاف جوڙيل انڪوائري ڪميٽي طرفان پهريون اجلاس

سامي ميمڻ، ملير
ملير جي مقاني ادارن ۾ مالي بدعنوانين خلاف جوڙيل انڪوائري ڪميٽي طرفان پهريون اجلاس، ڊيم ايم سي ملير ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا شڪايتي پ پ اڳوڻ ڪميٽي آڏو پيش. انڪوائري کان اڳ ڊي ايم سي ايڊ منسٽريٽر عهدي تان برطرف، پيپپلز پارٽي ملير جي اڳوڻن انڪوائري ڪميٽي اڳيان ڪرپشن جا دستاويزي ثبوت پيش ڪيا. پارٽي شريڪ چيئر پرسن جي هدايت تي انڪوائي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جيڪا اڇا ڪارا پدرا ڪندي شهلا رضا، Malir corruptionتفصيل موجب: ملير جي مقاني ادارن مان چونڊيل نمائيندن جي خاتمي کانپوءِ مقرر ڪيل ڪامورن طرفان عوامي فنڊن ۾ ڪروڙي روپين جو گهوٻيون هڻڻ خلاف پيپپلز پارٽي جي جنر سيڪريٽري ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو طرفان پارلياماني اجلاس دوران آصف زرداري کي ڪرپشن جا تفصيل ٻڌائيندي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ اسمبيلي جي چونڊيل ٽن عورت ميمبرن سيده شهلا رضا، نادياگبول ۽ شاهينا بلوچ تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ڪالهه پهرين انڪوائري گڏجاڙي ٿي ان کان اڳ ڊي ايم سي ملير جي ايڊ منسٽرٽر ظهير عابد ميمڻ کي عهدي تا هٽايو ويو. ا نڪوائري ڪميٽي مالي بدعنواني خلاف شڪايت ڪندڙ ايم پي ساجد جوکيو کي طلب ڪيو جيڪو پنهنجن سمورن عهديدارن مليري جي صدر راجارزاق،سلمان عبدالله مراد، ميرعباس، الياس گبول، حبيب خان، خواجه محمد اعوان ۽ امداد جوکيو سميت گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا. پ پ اڳوڻن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊيي ايم سي ملير جي ڪامورن 2 ارب جي بجٽ باوجود ڪو به قابل ذڪر ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي. سمورا پئسا ڪوٽيشن ڪوڙين جعلي صحين ذريعي اسڪيمن روائيس ڪري ڇڏيا آهن. هنن ٻڌايو ته لنڪ روڊ جو ٺيڪو روزاني 2 لک روپين جي اوڳاڙي تي ڏنو ويو پر آفيسر ن لنڪ روڊ رڪوري م ڪڏهن به 2 لک روپيا نه لکرايا جڏهن ته روز 5 لک روپين جي اوڳاڙي ٿئي پئي. هنن انڪوائري ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ته 2 اين آءِ ٽيون جن ۾ هڪ 29 ڪم ۽ ٻي 61 ڪم ۽ ٻئي مڪمل طور تي جعلي آهن ۽ سر زمين تي هڪ به ڪم موجود نه آهي. هن ڪمن جي انڪوائري ڪميٽي سر زمين تي جائزو وٺي جائزي لاءِ هڪ ٽيڪنيڪل انجنيئر به گڏ ورتو وڃي. هنن ٻڌايو ته ڊي ايم سي 65 ۾ اهڙا ملازم آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، جڏهن ته اڃا به ڀوگس ڀرتيون جاري آهن

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو