مختصر خبرون

ھنڱورجا کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ جو احتجاج جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
آل پارٽيز ڪانفرنس جي سڏ تي مختلف سياسيي سماجي مذهبي، ادبي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ عبدالسميع ڀنڀرو، محمد صديق سولنگي، غلام حسين چانگ، گلزار سهتو، فياض سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ريلي ڪڍي قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي نٽهڻ اس ۾ هنڱورجا کي ضلعو بڻائڻ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته خيرپور ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هنڱورجا کي ضلعي جو درجو ڏنو وڃي ڇو ته خيرپور پکيڙ جي لحاذ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي. جنهن ڪري انتظامي لحاذ کان ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. هنڱورجا کي ضلعو ٺاهي اڳڙا، بوزدار وڏا سيٺارجا کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. هنن چيو ته اسان جي احتجاجي تحريڪ هنڱورجا کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ تائين جاري رهندي. هنن چيو ته ٺري ميرواه ۽ گمبٽ خيرپور کي ويجها آهن جنهن جي ڪري ڪوٽ لالو رسول آباد ، سڳيون، مهڻي ديرو ۽ ڪچي جي علائقن کي تمام گهڻي ڏکيائيون پيش اينديون. هنن مطالبو ڪيو ته هنڱورجا کي ضلعي جو درجو ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button