مختصر خبرون

سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو، باڊھ ۾ ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
باڊھه: سنڌي ادبي سنگت مرڪزي ڏنل سڏ جي حوالي سان سنڌي ادب سنگت باڊھه ۽ وڏي وھڻي پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پرھائڻ لاءِ امر ابڙو، وفا صالح راڄپر، اقبال کوکر، بحر بوٿرائي، غلام محمد ڀٽي ۽ ھوش محمد ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن شھيد شان ڏھر چوڪ کان پلي ڪارڊ ۽ بينر ساڻ ڪري ريلي ڪڍي شھر حيدر چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي قديم ٻولين مان شمار ٿئي ٿي تنھن ڪري ان کي بنا دير قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌ لازمي پڙھائي پنھنجو ڪردار نڀايو وڃي ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي زاھد منگي، جسقپ جي شوڪت ڀٽي، ايس ٽي پي جي منور نوناري، جسقم جي اڳواڻ عنايت ڦلپوٽو ۽ سگا اڳواڻ عبدالرزاق سومرو سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي ۽ ادبي دوستن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button