ڄامشورو

ڄامشورو: وڏيون گاڏيون ڇڏڻ روز جو معمول بڻجي ويو

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
jamshoro trafk aazar copy (640x108)ڄامشورو توڙي ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي پابندي باوجود رشوت عيوض وڏيون گاڏيون ڇڏڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب ڪلاڪ جا ڪلاڪ ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري هزارين مسافرن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدارن جي ملي ڀڳت سان پابندي باوجود اوور لوڊ گاڏيون في گاڏي 100 رپين کان 500 رپين تائين رشوت وٺي ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ڦاٽڪ تان ڇڏڻ معمول بڻجي ويو آهي، ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدارن پاران رشوت وٺي ڦاٽڪ کان گاڏي ڇڏڻ تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري هزارين مسافرن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جڏهن ته ڊرائيورن وچ ۾ چڪريون ٿيڻ پڻ روز جو معمول بڻيل آهي، ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدارن پاران رشوت وٺڻ واري عمل خلاف ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ڊرائيورن صحافين کي ٻڌايو ته ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدار هر چڪر تي پئسا اوڳاڙين ٿا، سبب پڇا ڪرڻ تي ٽرئفڪ ۽ پوليس عملدار چون ٿا ته هي اسان جي ٽِپ آهي، جيڪڏهن اسان نه ٿا ڏيون ته اهي اسان جي گاڏين کي چالان ڪري ڇڏين ٿا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس ورتو وڃي. هوڏانهن بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ٽرئفڪ توڙي پوليس عملدار ڪوبه موقف نه ڏنو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button