آرٽيڪل

صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزاحمتي تحريڪ ۽ اڄوڪي سنڌ

عزيز بروهي
Shah Inayat Shaheedسنڌ صوفين سنتن، درويش صفت انسانن توڙي اڙٻنگ بهادرن سرويچ سپاهين جو ديس رهي آهي. جتي حق ۽ صداقت جي نه صرف ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر علمي طرح ان لاءِ جاکوڙ به ڪئي ويندي آهي. اڄ کان ٽي صديون اڳ به صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين هي صدا بلند ڪئي ته هي ڌرتي الله جي آهي. جيڪو هن تي هر هلائي ٿو سو ئي هن جو حقيقي مالڪ آهي يعني ”جو کيڙي سو کائي“ هي محض هڪ نعرو نه هيو بلڪ هڪ اهم ۽ زبردست انقلابي مزاحمتي تحريڪ جو آغاز هيو، جنهن تحت استحصال کان پاڪ معاشري جي قيام جو ڪم ڪرڻو هيو.
صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع يعني 1066 هجريءَ ۾ جنم ورتو شاهه عنايت شهيد 17 صدي جو انقلابي صوفي هيو، سندس ولادت ملتان ۾ ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته سندس والد ملتان جي لانگاهه ڪٽنب مان شادي ڪئي هئي ۽ سندس ننڍ پڻ جو ڳچ عرصو ملتان ۾ ئي گذريو ۽ جواني واري دور ۾ ملتان مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. ٺٽو شهر جيڪو 500 سالن تائين سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ رهيو صوفي شاهه عنايت شهيد ٺٽي ڀرسان بٺوري پرڳڻي جي نازيا واهه ويجهو پنهنجي خانداني مرڪز جهوڪ ميرانپور کي پنهنجي انقلابي هلچل جي مرڪز طور انتخاب ڪيو هيو، جتي شاعر چواڻي.
وڃ ميرانپور منگتا جتي ڏاتر ڏئي ٿو ڏات،
ڪين پڇي ٿو ذات جيڪي آياسي اگھيا،
صوفي شاهه عنايت شهيد جي هن تحريڪ ۾ ڦريل لٽيل غريب ۽ مسڪين هاري ڪمي ڪاسبي شامل هئا، جن جي سرواڻي شاهه عنايت شهيد ڪري رهيو هيو. جنهن کي سبط حسن سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي سڏيو آهي. سنڌ ان دور ۾ ٻٽي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. هڪ طرف مغل بادشاهه ته وري ٻئي طرف مقامي ڪلهوڙا حاڪم ۽ سندن ساٿاري پير، ملان ۽ جاگير دار هئا. جيڪي سڀ جوڙي ڀيچي ٿي سنڌي عوام جي قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ ۾ مصروف هئا ۽ سنڌ جو عوام ويچارو سورن جو ماريو تباهي ۽ بربادي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هيو. اهڙي دور ۾ شاهه عنايت شهيد جي انساني اڻبرابري خلاف شروع ڪيل هي تحريڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام ٿي رهي هئي ۽ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهو هن تحريڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ شامل ٿي رهيا هئا. ان ڪري مٿي ذڪر ڪيل سموريون استحصالي قوتون هن تحريڪ کان خائف هيون. شاهه عنايت شهيد ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏئي مڙني استحصالي ڌرين کي چيلينج ڪيو هيو. اهوئي سبب هيو جو اهي سموريون ڌريون حاڪم، پير، ملان ۽ جاگير دار هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ نهه چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا. شاهه عنايت شهيد به جھوڪ ميراپور ۾ ڪميون سسٽم قائم ڪري ڇڏيو هو. اتي موجود سمورا صوفي فقير گڏجي ڪم ڪندا هئا زمين کيڙي هڪ گڏيل انتظام هيٺ گڏجي کائيندا هئا جنهن لاءِ باقاعده هڪ نظام وضع ٿيل هيو جنهن مطابق ڪنهن کي به ڪنهن جي پورهي ٻگهر تي پلجڻ جي اجازت نه هئي ۽ اهڙي عمل تي مڪمل پابندي هئي. جتي ڪنهن سان به رنگ نل، ذات پات توڙي مذهب جي بنيادن تي ڪابه گهٽ وڌائي ڪانه ٿيندي هئي هر ڪو ماڻهو پنهنجي عقيدي موجب آزاد ۽ خود مختيار زندگي بصر ڪندو هيو. لطيف چواڻي….
نه ڪا جهل نه پل نه ڪو رائُر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آ هرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امُل ميرانِ مرڪڻو،
جيئن جئين هي تحريڪ اڳتي وڌي رهي هئي تيئن تيئن وري هن تحرڪ جون مخالف ڌريون به هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون هيون. روز نت نيون سازشون سٽي هن تحريڪ کي خدا ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله وسلم خلاف سڏي بدنام ڪري رهيون هيون. هن سماجي مساوات واري عظيم تحريڪ کي ڪفر ۽ الحاد جي تحريڪ قرار ڏئي لڳ ڀڳ سنڌ جا سمورا جاگيردار، پير، ملان، سبي ۽ ڍاڍر جا جاگيردار۽ ڪلهوڙا حاڪم مغلن جي دهلي سرڪار جي مدد ۽ حمايت سان مغل گورنر اعظم خان جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي فوج وٺي اچي هن امن ۽ انصاف واري شهر تي حملي آور ٿيا. سندن خيال هيو ته ايڏي فوج ڏسي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿي هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پوندا. يا وري ڪجھ ئي ڏينهن ۾ کين ماري مڃائي مات ڏئي ڇڏبو. پر شاهه، عنايت شهيد ۽ سندس جا نثار فقيرن ان حملي آور فوج جو جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو ۽ سنڌ جي جنگي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اظافو ڪيو. هنن دشمن جي فوج تي راتاها هڻي کين سخت جاني ۽ مالي نقصان رسايو. جنگ جي اهڙي طريقي کي اڄ جي جديد دور ۾ گوريلا وار سڏيو وڃي ٿو. دشمن جڏهن ٻي واه نه ڏٺي ته مڪاريءَ ٿي لهي آهيو ۽ شاهه عنايت شهيد ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو هن ۾ قرآن پاڪ ۽ عهدا قرارن ۽ انجامن سان مير شهداد خان ٽالپر جي مدد سان يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفدامن جا اڇا جھنڊا هٿن ۾ کڻي شاهه عنايت شهيد وٽ پهتو ۽ سندن مطالبن مڃڻ جي يقين دهاني ڪرائي ۽ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ۽ وڌيڪ ڳالهين لاءِ گورنر اعظم خان وٽ هلڻ جو طئه ٿيو، صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽي ۽ ٻارنهن صوفي فقيرن سان گڏجي گورنر اعظم خان سان ملاقات لاءِ روانو ٿيو. شاهه عنايت شهيد جيئن ئي اعظم خان جي خيمي برسان بهتو ته کيس گرفتار ڪري هٿ ڪڙيون هنيون ويون ۽ ٻئي ڏينهن کيس ان ئي حالت ۾ گورنراعظم خان آڏو پيش ڪيو ويو. امن ۽ صلح جي نالي ۾ شاهه عنايت شهيد سان دوکو ڪيو ويو. 15 صفر 1130 هجري يعني 8 جنوري 1718ع تي شاهه عنيات شهيد کي ٻاهر لشڪر سامهون آندو ويو جتي هن جي ڀاءُ ميان رحمت الله ۽ سندس نوجوان پٽ محمد يوسف جون سيون شاهه عنايت شهيد جي سامهون اڏايون ويون ۽ ان ئي ڏينهن تي شام جو شاهه عنايت شهيد جي سرکي ڌڙ کان ڌار ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ جھوڪ ميرانپو جي قلعي تي وڏو حملو ڪري چوڌاري باهه ڏني وئي هزارين بيگناهه ماڻهن عورتن، ٻارن، ٻڍن کان نياڻين سميت بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ان چئين مهينن جي جنگ ۾ اٽڪل پنجويهه هزار صوفين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو جن کي ڌار ڌار دفن ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هيو. ان ڪري وڏا کوهه کوٽي انهن شهيدن کان انهن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جيڪي اڄ به گنج شهيد ان جي نالي ۾ قائم آهن. گورنراعظم خان جي حڪم تي شاهه عنايت شهيد جي سرمبارڪ کي نيزي تي چاڙهي ٺٽي شهر جي اهم چوڪن ۽ بازارن ۾ ڦيرائڻ کان پوءِ هندستان جي بادشاهه فرخ سير ڏانهن روانو ڪيو ويو. اهڙي ريت بظاهر هن جنگ جو خاتمو ٿيو پر صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس جا نثار ساٿين جي ڏنل عظيم قرباني سموري دنيا جي مسڪينن، مظلومن، محڪومن، هارين ۽ پورهيتن لاءِ مشعل راهه هوندي حق سچ لاءِ توڙي سماجي هوندي. اڻبرابري خلاف جدوجهد ۽ انصاف ڀري هڪ جهڙائي واري نظام قائم ڪرڻ لاءِ جو ”کيڙي سو کائي“ واري نعري جي گونج رهندڙ دنيا تائين قائم رهندي.
ماضي جيان اڄ به سنڌ جي هاري، پورهيت ۽ ٻئي مظلوم عوام جي حالت ابتر آهي. ان ۾ ڪابه بهتري ڪانهي آئي. اڄ به هاري ۽ سندن خاندان وڏيرن، جاگيردارن وٽ يرغمال بڻيل آهن. کائين زبردستي پورهيو ورتو وڃي ٿو ۽ رات جو سنگهرن ۾ ٻڌو وڃي ٿو. سندن نوجوان نياڻين جي عصمت دري ٿي رهي آهي. پورهيت بک بدحالي مفلسي ۽ جبري پورهئي جو شڪار آهن. کين سندن محنت جو حقيقي اجورو نٿو ڏنو وڃي. اڄ به حاڪم، ڀير، ملان جاگيردار، سڀ اهڙي ظلم ۽ استبداد ۽ ڦرلٽ ۾ برابر جا شريڪ آهن. سنڌي عوام جي قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ جاري آهي. پر جيڪڏهن نه آهي ته فقط صوفي شاهه عنايت شهيد جهڙي شروع ڪيل تحريڪ نه آهي. ان ڪري اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي وري شاهه عنايت شهيد جي پيروي ڪندي هي اعلان ڪرڻو پوندو ته هن ڌرتي ۽ ان تي موجود وسيلن تي حق هتان جي پورهيت عوام جو آهي. اهي ئي انهن جا حقيقي وارث آهن. ان ڪري اهو سڀ ڪجهه ڌرتي ڌڻين حوالي ڪيو وڃي. پر ان لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي شاهه عنايت شهيد جي ڏنل شهادت واري عظيم فلسفي تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ سرن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو نه ڪي محض لفاظي ڪرڻي پوندي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Close