آرٽيڪل

مٽي جي ٻارڙن جي ڪٿا…………

رپورٽ: عبدالمجيد جهتيال
Badah_ Pic by Abdul Majeed Jhatial Badah 21-12-2013 (640x413)وڌندڙ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب ڏوڪري ۾ سوين معصوم ٻارڙا سخت پورهيو ڪري گهر جو گاڏو هلائين ٿا، گلن جهڙا معصوم ٻارڙا اسڪولن ۾ وڃي تعليم پرائڻ بجاءِ رات جو 3 وڳي کان گهران نڪري شهر کان ٻاهر ميداني علائقن تي مٽي گڏي سرون ڪاهين ٿا، سردي توڙي گرمي جي پرواهه نه ڪندي ڏهه ڪلاڪ سخت پورهيو ڪري حاصل ٿيندڙ آمدني پنهنجي خاندان کي ڏئي سندن سهارو بڻجن ٿا، ڏوڪري ۽ آسپاس ۾ هڪ هزار سر تيار ڪرڻ جي اجرت صرف 350 رپيا مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته معصوم ٻارڙا گرمي توڙي سردي ۾ سڄو ڏينهن جانورن جيان پورهيو ڪري 500 کان 700 تائين سرون ڪاهين ٿا، جڏهن ته سرن جا ٺيڪيدار کين پگهر سڪڻ کان اڳ اجرت ڏيڻ بجاءِ هفتيوار اجرت ڏين ٿا، پورهيت ٻار ڪوڏرن سان سخت مٽي کي گڏي ڀر وارن پاڻي جي تلائن مان پاڻي جا دٻا ڀري سڪل مٽي ۾ وجهي بعد ۾ ان مٽي کي لتاڙي ڳوهي نرم ڪرڻ کانپوءِ لوهي ڪالب سان سرون تيار ڪن ٿا، ڪيترا ئي پورهيت پورهيو ڪندي ڪوڏرن جي ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿيڻ باوجود پنهنجو ڪم جاري رکندي پنهنجي ڏهاڙي پوري ڪن ٿا، مٽي جا پورهيت ٻارڙا عصر ويل بغير ڪجهه کائڻ پيئڻ جي خالي پيٽ سان ڪم تي چڙهن ٿا، جيڪي اٽڪل 10 وڳي گهران آيل ماني کائي بغير ڪنهن وقفي ڪرڻ جي وري ڪم تي شروع ٿي وڃن ٿا، اهڙي طرح اڪثر ٻارڙا جسماني طور ڪمزور بڻجي ويا آهن، سخت پورهئي ۽ اوجاڳن جي ڪري سندن اکيون ڏرا ڏئي رهيون آهن، ڪيترا پورهيت پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان گڏجي معمولي معاوضي تي پڻ پورهيو ڪن ٿا، ڪيترا وري ٻار پنهنجي ڀائرن ۽ پيئرن سان گڏجي پورهيو ڪن ٿا، اهڙا ڪيترائي پورهيت ٻارڙا جن جا والد يا ته لاڏاڻو ڪري ويا آهن يا اهي بيماري سبب ڪم نه ٿا ڪري سگهن سندن جاءِ تي معصوم ٻار سرون ڪاهي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ٿا، ڪيترا ئي هيروئني جيڪي پورهيو نه ٿا ڪري سگهن انهن جا معصوم ٻار گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ مٽي جو پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، پورهيت ٻار سڄو ڏينهن اوڪڙو ويهي سرون ڪاهڻ سبب سندن ۽ گوڏن توڙي چيلهه جي سور جون شڪايتون ڪن ٿا، سرون ڪاهيندڙ هڪ پورهيت خادم حسين سولنگي ٻڌايو ته رات جو 3 وڳي کان منجهند جو 1 وڳي تائين سرون ڪاهڻ سبب سندس گوڏن ۾ تڪيلف ٿئي ٿي، هن چيو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب گهر جو گذارو نه ٿو ٿئي تنهنڪري مجبورن پاڙي جي هڪ جيڏي سان گڏجي گذريل 2 سالن کان سرون ڪاهيندو پيو اچان، هوڏانهن مٽي جي معصوم پورهيت شڪيل احمد ڪوري ٻڌايو ته بابا جي بيماري سبب گهر جو گاڏو هلڻ مشڪل بڻجي ويو تنهنڪري تعليم کي ڇڏي گذريل 3 سالن کان سرون ڪاهي خاندان کي جيئڻ جو سهارو ڏئي رهيو آهيان، هن چيو ته 10 ڪلاڪ پورهيو ڪرڻ کانپوءِ صرف ڏيڍ سئو رپيا حاصل ٿئي ٿو، هوڏانهن مٽي جي هڪ ٻئي معصوم پورهيت رجب علي دايو ٻڌايو ته گذريل 20 سالن کان بابا سرن جو پورهيو ڪندو آهي جيڪو هاڻي پيرسن ۽ بيمار رهڻ سبب پورهيو نه ٿو ڪري سگهي تنهنڪري آئون سرون ڪاهي گهر جو گاڏو هلايان ٿو، جڏهن ته گهر ۽ خاندان جو سهارو بڻجڻ لاءِ مٽي مان سرون ٺاهيندڙ اڪثر ٻارڙن جو چوڻ هو ته اسان اسان جي دل چاهيندي آهي ته ٻين ٻارڙن جيان اسان به اسڪولن ۾ وڃي تعليم پرايون پر اسان جون مجبوريون آهن تنهنڪري اسان تتي ٿڌي مٽي مان سرون تيار ڪري حاصل ٿيندڙ آمدني پنهنجي وڏڙن کي ڏيون ٿا، هنن چيو ته عيد جو ڏينهن گهر ۾ گذاريندا آهيون باقي سڄو سال سردي توڙي گرمي ۾ سرون ڪاهي پورهيو ڪيون ٿا، هنن ٻڌايو ته ٻئي پورهئي جي ڀيٽ ۾ سرون ڪاهڻ وارو پورهيو تمام ڏکيو آهي، پر مجبوري سبب ڏک سک جي پرواهه نه ڪندي سرون ڪاهي رهيا آهن، هوڏانهن اسان جي ملڪ ۾ توڙي عالمي سطح تي معصوم ٻارڙن جي پورهئي تي پابندي عائد ٿيل آهي پر ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ملڪي توڙي عالمي ادارا رڳو سيمينار ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي حقن جا ڏهاڙا ملهائڻ تائين محدود آهن. سرڪار کي گهرجي ته ٻارڙن جي پورهئي خلاف پاس ٿيل قانون تي عمل ڪرائي ۽ بيروزگاري توڙي مهانگائي تي ضابطو آڻي ته جيئن بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور گلن جهڙا معصوم ٻارڙا پورهيو ڪرڻ بجاءِ اسڪولن ۾ وڃي تعليم پرائن جيڪو سندن ملڪي قانون موجب توڙي شرعي حق آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button