ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي ۾ سپاف باغي گروپ جي اڳواڻن جي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ريلي

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شاگردن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران جساف جسمم جي شاگرد اڳواڻن صدام حسين جتوئي جي شديد زخمي ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ ڪالهه سپاف باغي گروپ جا اڳواڻ عمران بروهي، بادل بروهي، گلزار بروهي ۽ ٻيا پنهنجي ساٿين سان گڏ هڪ ريلي جي صورت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪيمپس جي حدن ۾ داخل ٿيا. jamshoro newsسپاف باغي گروپ جي جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ جي خبر پوڻ تي جساف جي سمورن گروپن جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري سامهون زيرو پوائنٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ته جنهن سبب ڪيمپس ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن تي پوليس ۽ رينجرزجساف جي هڪ شاگرد سهيل احمد ڀٽو کي گرفتارڪري ورتو ۽ بين شاگردن کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوجڏهن ته پوليس ۽ رينجزرجي ٽولن ڇڪتاڻ سبب علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار مني زيرو پوائٽ وٽ سپاف باغي گروپ جي ريلي کي روڪي ورتو جيڪا آهستي آهستي هلندي هلندي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري سامهون زيرو پوائنٽ وٽ پهچي وئي، جنهن کي پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي ۾ منتشر ڪيو ويو،جنهن به سپاف باغي گروپ جي باغين سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن ۾ پهچي انٽر نيشنل هاسٽل ۽ٻين هاسٽلن ۾ موجود پنهنجي ڪمرن جا قبضا سنڀالي ورتا آهن، هاسٽلن ۽ ڪيمپس ۾ ڪنهن به وقت جهيڙي جو خطرو وڌي ويو آهي،جهيڙي جي امڪان سبب هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۾ خوف ۽ حراس وٺجي ويا آهن. هوڏانهن ٻنهي شاگرد تنظيمن پنهنجن پنهنجن جاري بيانن ۾ پنهنجي مخالف گروپن مٿان سنڌ يونيورسٽي ۾ خوريزي ڪرائڻ ۽ تعليم دشمن هجڻ جو الزام مڙهيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ڪشيدگي جي ذميوارسنڌ يونيورسٽي انتظاميه کي قرارڏيندي ڄامشورو پوليس ۽ رينجرز مٿان هڪ ڌرجي شاگردن جي سرپرستي ڪري هاسٽلن تائين پهچائي پوزيشنون سنڀالي ڏيارڻ جو الزام مڙهيو آهي، جاري بيانن ۾ شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ڪيمپس ۾ رتو ڇاڻ جو خدشو ظاهرڪندي سنڌ جي تعليم دوست اديبن ۽ دانشورن کي مداخلت ۽ پنهنجي مادر علمي کي بچائڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ جساف جسمم جي اڳواڻن جبار جهتيال ۽ شيراز پيرزادي جي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ڄامشوروپوليس جساف اڳواڻ صدام حسين جتوئي تي قاتلاڻي حملي واري ڪيس ۾ ملوث ۽ بين ڪيترن ڪيسن ۾ رپوش سپاف باغي جي 9 اڳواڻن عمران بروهي، بادل بروهي، گلزار بروهي، جاني ابڙو، مهراڻ خاصخيلي، پرويز چانڊيو، مجيب ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي سرعام ٻاهرين ماڻهن سان گڏ هٿيار کڻي ڪيمپس ۾ داخل ٿيا، اسان جي احتجاج باوجود انهن کي ڄامشورو پوليس ۽ رينجرز پروٽول ڏئي هاسٽلن تي پهچايو، جنهن جي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه مڪمل طور تي سرپرستي ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ڳجهين آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ وري خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا، هنن خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏوهاري ماڻهو گهرائي ڪيمپس ۾ خونريزي ڪرائڻ جي سازش سٽي وئي آهي،، ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري سپاف باغي جي هٿياربند ماڻهن ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه مٿان هوندي، ۽ ان عملتي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اهنن چيو ته اسان سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي ڪلاس باقائده وٺڻ ۽ سنڌ جي تعليم دوست اديبن ۽ دانشورن کي مداخلت ۽ پنهنجي مادر علمي کي بچائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن سپاف باغي گروپ جي اڳواڻن عمران بروهي ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان پر امن طريقي سان سنڌ يونيورسٽي ۾ سياست ڪري رهيا آهيون پرهڪ پابندي مڙهيل تنظيم جسمم جي شاگرد ونگ جساف سنڌ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اها کلي دهشتگردي ڪري رهي آهي، اسان پنهنجي هاسٽلن جيڪمرن ۾ موجود آهيون ۽ اسان جي ڪارڪنن يا اڳواڻن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري جساف جي اڳواڻن مٿان هوندي ۽ اسان پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي دفاء ۾ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button