ڳڙهي خيرو

ڳڙهي خيرو: يو سي الله آباد جي ڳوٺ قطب خان بروهي ۾ الشهباز بزرگ دوست تنظيم جي نون چونديل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري

ساگر ڀٽي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڳڙهي خيرو
ڳڙهي خيرو تعلقي جي يو سي الله آباد جي ڳوٺ قطب خان بروهي ۾ الشهباز بزرگ دوست تنظيم جي نون چونديل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري ، تقريب ۾ نون چونديل عهديدارن کي ضلع جيڪب آباد جي وائيس چيئرمين غوث بخش لاشاري حلف کڻايوGarhi Khairo Al Shihbaz Buzrig Dost Tanzeem 13-10-13........ ، خبر موجب ڳڙهي خيرو تعلقي جي يو سي الله آباد جي ڳوٺ قطب خان بروهي ۾ الشهباز بزرگ دوست تنظيم جي نون چونديل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري ، جنهن ۾ نون چونديل عهديدارن جن ۾ صدر استاد محمد نواز بروهي ، جنرل سيڪريٽري سلطان احمد ايري ، خزانچي حاجي دوست محمد بروهي ، رابطه سيڪريٽري لعل محمد جکرو ، ايگزيڪيٽو ميمبرس حاجي قائم الدين لاشاري ، جمع خان بروهي ، مير محمد افضل بروهي ، محمد بخش چاچڙ ۽ ٻين عهديدارن کي ضلع جيڪب آباد جي وائيس چيئرمين غوث بخش لاشاري حلف کڻايو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين غوث بخش لاشاري، استاد محمد نواز بروهي ، سلطان احمد ايري۽ بين چيو ته ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ بزرگن کي تمام گهڻي تڪليف سان منهن ڏيئڻو پوي ٿو انهن چيو ته بزرگن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ کين تنظيم جي طرفان ننڍا ننڍا قرض ڏنا ويندا جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن ۽ کين ڪنهن جو محتجاج نه ٿيئڻو پوي انهن چيو ته الشهباز بزرگ دوست تنظيم هيلپيج انٽرنيشنل سان منسلڪ آهي جيڪا دنيا جي 32 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button