ھنڱورجا

هنڱورجا:سنڌ حڪومت ۾ شامل وزيرن مشيرن ۽ جيالن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ممتاز ڀٽو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل وزيرن مشيرن ۽ جيالن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ سرڪاري خزاني کي پڻ کاٽ هڻي پنهنجا گهر ڀريا آهن. ٺري ميرواهه جي ڳوٺ خدابخش سومرو ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ الهورايو سومرو سان تعذيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي

ممتاز ڀٽو
ممتاز ڀٽو
هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ سنڌ حڪومت غير سنجيده نظر اچي ٿي. جنهن ڪري ٽال مٽول ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن مڪاني چونڊون ڪرايون به ويون ته انهن ۾ پ پ وڏي پيماني تي ڌانڌليون ڪرائڻ ۾ منصوبا جوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي . ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کي اغوا ڪن پيا. پر حڪومتي وزير مال ميڙڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته ملڪ جو اقتصادي طور تي ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي رهي آهي. نواز حڪومت ملڪ کي پيش آيل وڏين چئلينجن سان منهن ڏئي رهي آهي. هن سان گڏ ن ليگ جي صوبائي اڳواڻ فقير عنايت هيسباڻي، پير آصف علي شاهه جيلاني ۽ ٻيا گڏ هيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button