باڊھ

جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي باڊھ ۾ مڪمل ھڙتال رھي

عبدالمجيد جهتيال باڊهه
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننسس ڪاري قانوني جي خلاف اعلاڻيل هڙتال جي موٽ ۾ باڊهه شهر مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري سڄي شهر جو ڪاروبار بند رهيو

باڊھ: ھڙتال جو ڏيک، ڦوٽو دانش ابڙو
باڊھ: ھڙتال جو ڏيک، ڦوٽو دانش ابڙو
، جڏهن ته جسمم پاران ٽائون هال کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ضلعي صدر احمد علي ڪانڌڙو خطاب ڪندي چيو ته رياست روزانو نوان ڪارا قانون مڙهي قومي تحريڪ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشس ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌي عوام جي غلامي کان ڇوٽڪاري لاءِ جسمم جي جدوجهد جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button