ڄامشورو

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ ڪامريڊ پيرل کوکر پنهنجي ساٿين ۽ برادري جي سوين ماڻهن سان گڏ پ پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ ڪامريڊ پيرل کوکر پ پ پ يونين ڪائونسل 10، ڄامشورو جي اڳواڻ حاجي واحد بخش ڀلائي سان گڏجي پ پ پ ضلعي ڄامشوري جي صدر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي
ان موقعي تي ڪامريڊ پيرل کوکر جو چوڻ هو ته پ پ پ ئي واحد پارٽي آهي جنهن وٽ عوام جي ڀلائي جو منشور آهي، ان ڪري ئي پنهنجي ساٿين ۽ برادري جي ماڻهن سميت پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. پ پ پ ضلعي ڄامشوري جي صدر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري جو چوڻ هو ته پ پ پ ڪڏهن به عوام جي خلاف ڪم نه ڪيو آهي، ڄامشوري جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڀرپور نموني سان ڪوشش ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button