زراعت

ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽري مالڪن عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ڦٽين جو ريٽ 500 سئو گهٽائي ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Cotton Sindh' تعلقي صوڀوديرو ۾ ڪاٽن فيڪٽري مالڪن عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ڦٽين جو ريٽ 500 سئو گهٽائي ڇڏيو. ناجائز ڪڻتو هڻڻ جو سلسلو پڻ جاري آبادگار ڦرجڻ لڳا، انتظاميه به ڪاٽن فيڪٽريز جي مالڪن سان ٻٽ بڻجي وئي. تفصيل موجب صوڀوديرو تعلقي ۾ قائم پنج ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن عيد ويجهو ايندي ئي ڦٽين جو اگهه هڪ ئي ڌڪ سان 34 سئو مان 500 سئو گهٽائي 29 سئو روپيه في مڻ خريدڻ لڳا آهن. جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو مالي نقصان رسڻ جو انديشو آهي جڏهن ته ڪارخانن ۾ آبادگارن جي صاف ڦٽي تي پڻ 3 کان 5 ڪلو في مڻ تي ڪڻتو هڻي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري آبادگار ڪارخانيدارن وٽ ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳو آهي جڏهن ته انتظاميه به ڪارخانيدارن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي جنهن سان انهن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي هن ڏس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي ڪامريڊ ڪانڊيرو خان ، لونگ خان ، خدابخش سهتو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڦٽين جو اگهه 5 سئو روپيه هڪ ئي ڌڪ سان ڪيرائي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. في مڻ تي 5 ڪلو ڪڻتو هنيو پيو وڃي. هنن چيو ته ضلعي انتظاميه وٽ دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به داد رسي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. هنن وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي آبادگارن جو معاشي طور قتل عام بند ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button