آرٽيڪل

سکر ۾ يونيورسٽي ڇو نه..؟

نويد چنا، سکر
Naveed Channaسکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ اتر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي سکر ضلعي جي آبادي پندرهن کان ويهه لک جي لڳ ڀڳ آهي پر اتي ڪا به تعليمي يونيورسٽي نه آهي سکر جا نوجوان اعلٰى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ دربدر ٿين ٿا، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ 30 کان به وڌيڪ اعلٰى درجي جا ادارا ۽ يونيورسٽيز ۽ حيدرآباد ۾ پڻ ڪيترائي ادارا هجڻ باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون ٺاهڻ جا بل پاس ڪرايا ويا ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ اسيمبلي ۾ حيدرآباد انسٽيٽيوٽ آف آرٽس، سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي، ۽ ٽنڊو الهيار جهڙي ننڍي شهر ۾ قلندر شهباز يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز، ٽنڊو الهيار سميت ٻين ڪيترين ئي يونيورسٽيز جا بل منظور ڪيا ويا پر سکر جهڙي وڏي آبادي واري شهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز ڪيو ويو،
سکر ۾ پيپلزپارٽي جا ٻه ايم اين ايز ۽ چار ايم پي ايز چونڊيل آهن انهن چونڊيل نمائندن تي سواليه نشان آهي ته گذريل پنجن سالن دوران هو ڇا ڪري رهيا هئا ۽ يونيورسٽي جو بل اسيمبلي ۾ ڇو نه آندو ويو؟ سکر جي نوجوانن جون نظرون سنڌ اسيمبلي ڏانهن آهن ته مختلف يونيورسٽيز جا بل پاس ٿين ٿا پر سکر ۾ يونيورسٽي جو بل ڪڏهن ٿو پاس ٿئي سوال اهو آهي ته ڇا يونيورسٽي سکر جي نوجوانن جو حق نه آهي؟ مختلف وقتن تي سنڌ اسيمبلي ۾ يونيورسٽين جا بل پاس ٿيندا رهيا پر ڪراچي ۽ حيدرآباد کي نوازيو ويو جيڪو عمل سکر سميت اندرون سنڌ جي شاگردن کي مايوس ۽ تعليم کان محروم ڪرڻ برابر آهي سنڌ اسيمبلي ۾ موجود نمائيندن کي اندرون سنڌ جي شهرن ۾ يونيورسٽيون ٺاهڻ جي ضرورت ڇو ڪون پئي محسوس ٿئي؟ سکر ۾ موجوده حڪومت ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي پئسا مختص ڪيا جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر جيڪي ڪم نظر اچي رهيا آهن انهن کان ته بهتر هو جو پنجن سالن جي دوري حڪومت ۾ ڪا تعليمي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ها!
سکر سميت سنڌ جي ننڍن وڏن ضلعن ۾ جتي به ضرورت هجي اتي يونيورسٽيز قائم ڪيون وڃن ته جيئن اعلٰى تعليم کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ ٻهرياڙين جي نوجوانن جي احساس محرومي کي ختم ڪيو وڃي سکر ۾ يونيورسٽي نه هجڻ ڪري نوجوان اعلٰى تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي وڃن ٿا ۽ سنڌين کي هميشه تعنٰى ڏنا ويندا آهن ته سنڌي اڻپڙهيل آهن ۽ سنڌ ۾ تعليم ناهي پر اهو نٿا سوچين ته اندرون سنڌ ڪيترا تعليمي ادارا آهن ۽ آبادي ڪيتري آهي سنڌ ۾ شهرن توڙي ٻهرياڙين ۾ ٽيلينٽ جي ڪمي نه آهي پر ادارن جي کوٽ ۽ غربت سبب تعليم نوجوانن جو اڻپورو خواب رهجي وڃي ٿو، ترقي تعليم سان ئي ممڪن آهي پر تعليمي ادارا ئي نه هوندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي؟
افسوس جهڙي ڳاله آهي جوتعليم جهڙي اهم مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو پيپلزپارٽي جي حڪومت جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي پر وري به عوام انهن مان ئي اميد رکي ٿو ڇو ته پيپلزپارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي ۽ عوام انهن کي هميشه ووٽ ڏيندو رهندو، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بيبي هميشه غريب عوام جي حقن جي ڳاله ڪئي روزگار ڏنو ۽ نوجوانن کي هٿ ۾ قلم ڏنو، پر سکر جي چونڊيل نمائيندن شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي سکر جي نوجوانن کي ڇا ڏنو؟ حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو ايتري وڏي آبادي واري شهر ۾ ڪا به يونيورسٽي نه آهي سکر ۾ هن وقت صرف هڪ ادارو آءِ بي اي آهي ايڏي وڏي آبادي ۾ هڪ ادارو ناڪافي آهي، هتان جي چونڊيل نمائيدن 5 سالن ۾ تعليمي يونيورسٽي لاءِ آواز اٿاريو ۽ نه ئي بل آڻڻ جي زحمت ڪئي،
سکر توڙي اندرون سنڌ يونيورسٽين سميت پرائمري سطح جي ادارن جي پڻ سخت کوٽ آهي پرائيويٽ ادارا آهن ته انهن جون فيسيون ۽ خرچ برداشت ڪرڻ غريبن جي وس جي ڳالهه نه آهي ڪنهن وقت ۾ پرائيويٽ ادارن کي اهميت ڏني ويندي هئي پر اڄ ڪلهه اهي صرف نالي جا ئي رهيا آهن يا اهو چئي سگهجي ٿو ته صرف ڪمائي جو ذريعو! سکر سنڌ جو اهم ضلعو آهي پر تعليم جي لحاظ کان تمام پوئتي آهي ڪيترائي نوجوان تعليم کان محروم آهن پاڪستان ۽ سنڌ جو مستقبل انهن ئي نوجوانن سان ڳنڍيل آهي اهي ئي ملڪ جو آئيندو آهن جيڪڏهن انهن غريب نوجوانن لاءِ ڪي خاطر خواه ڪوششون نه ڪيون ويون ته مستقبل ۾ ملڪ کي وڏن بحرانن منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو پيپلزپارٽي جي قيادت کي اپيل آهي ته سکر ۾ يونيورسٽي نه هجڻ جو نوٽيس وٺي ۽ فوري طور تي يونيورسٽي ٺهرائي وڃي ۽ نوجوانن جي احساس محرومي کي ختم ڪيو وڃي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شاگردن وانگر سکر ۽ اندرون سنڌ جا نوجوان پنهجي ئي شهرن ۾ اعلٰى تعليم حاصل ڪري سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button