سکر

سيپڪو پاران گرڊ اسٽيشن تي مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، سکر
WAPDA سيپڪو پاران گرڊ اسٽيشن تي مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف، لوڊ ڊيٽا امپروومينٽ پراجيڪٽ بيروني ماهرن جي مدد 5 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويو، ماهرن موجب سيپڪو جي سمورن گرڊ اسٽيشنن تي جديد نظام تحت لوڊ ڊيٽا امپرومينٽ پروجيڪٽ سان بجلي جي فراهمي ۾ بهتري ۽ ڪافي حد تائين غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. سمورن گرڊ اسٽيشنن تي جديد قسم جو سمارٽ (آٽو ميٽڪ ميٽر ريڊنگ) سم وارا ميٽر لڳايا ويا آهن. جيڪي موقعي تي سموري ڊيٽا پي ڊي سي (پاورڊ ڊسپيچ سينٽر) کي فراهم ڪندا، جتي بجلي جي ضرورت، کوٽ ۽ ٻي معلومات آساني سان چند سيڪنڊن ۾ معلوم ڪري سگهجي ٿي. يو ايس ايڊ جي سهڪار سان مڪمل ٿيل هن پروجيڪٽ تي ڪيترائي آمريڪي ملين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن جيڪي آمريڪا عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڏنا ويا آهن. سيپڪو جي ترجمان مطابق هن جديد سسٽم سان ڪنهن به وقت بجلي جي ضرورت، کوٽ، لائين لاسسز ۽ لوڊشيڊنگ متعلق آساني سان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، سمورن گرڊ اسٽيشنن تي ميٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ جديد قسم جي ڊيٽا سم نصب ڪئي وئي آهي جيڪا سموري ان ئي وقت پي ڊي سي سينٽر پهچائيندي، سکر جي آرائين روڊ تي 132 ڪي وي تي مشتمل پي ڊي سي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي مدد سان غير اعلانيا لوڊشيڊنگ جو خاتمو اچڻ سان گڏ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ڪندڙ سيپڪو عملدارن جي نشاندهي ٿي سگهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button