زراعت

تعلقي صوڀوديرو ۾ وونئڻ جي فصل تي اڇي مک جو حملو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Cotton diseaseتعلقي صوڀوديرو ۾ وونئڻ جي فصل تي اڇي مک جو حملو هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل متاثر، سڀئي زرعي دوائون اڇي مک کي ختم ڪرڻ لاءِ بي اثر بڻجي ويون، آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ذراعت کاتي پاران اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي، تعلقي صوڀوديرو جي هنڱورجا ، سڳيون، سمي، رسول آباد، مڏ ، پير حيات شاهه، راڻيپور سميت 9 يوسيز ۾ پوکيل وونئڻ جي فصل تي ٻن هفتن کان اڇي مک حملو ڪيو آهي جنهن ڪري وونئڻ جو فصل متاثر ٿي رهيو آهي . اڇي مک ڪجهه علائقن ۾ وونئڻ جي فصل تي شديد حملو ڪرڻ جي ڪري ووئنڻ جو ٻوٽو مڪمل طور تي سڪي ۽ سڙي وڃي ٿو. جڏهن ته آبادگارن پاران اڇي مک جي خاتمي لاءِ ڪيتريون ئي زرعي دوائون استعمال ڪيون آهن پر ڪابه دوا ان تي اثر نٿي ڪري. جڏهن ته زراعت کاتو آبادگارن کي مشورا ڏيڻ توڙي انهن جي مدد ڪرڻ بدران اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. هن ڏس ۾ آبادگار اڳواڻن ڪامريڊ ڪانڊيرو خان ، ڪامريڊ خدابخش ، دين محمد چانگ، غلام اڪبر ۽ ٻين چيو ته اڇي مک سبب وونئڻ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي زراعت کاتو مڪمل طور تي خاموش آهي هنن مطالبو ڪيو ته صوڀوديرو ۾ سرڪار سطح تي اسپري ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button