سکر

سکر: اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار پيش

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
elections 2013سکر ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار پيش، ابراهيم جتوئي خلاف 20 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جي تصديق جو حڪم، تفصيل موجب سکر ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل شڪارپور جي قومي تڪ اين اي 202 تان هارائيندڙ پ پ اميدوار آفتاب شعبان ميراڻي پاران ڪامياب ڄاڻايل ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ جي داخل ڪرايل درخواست تي پ پ اميدوار جي وڪيل فاروق احمد پيرزادو ۽ نواز ليگ سان واسطو رکندڙ جتوئي جي وڪيل شبير شر پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ويا ڪالھ اليڪشن ٽربيونل سکر جي ٻڌڻي ڪندڙ رٽائرڊ جج ظهير الدين لغاري پ پ جي آفتاب شعبان ميراڻي جي درخواست تي مخالف ڪامياب اميدوار ابراهيم جتوئي پاران ڪرايل مبينا ڌانڌلي جي سلسلي ۾ ڄاڻايل تڪ جي 20 پولنگ اسٽيشن جي ووٽرن جي آڱوٺن جي تصديق نادرا کان ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي 24 آگسٽ تي ووٽرن جون لسٽون پڻ طلب ڪري ورتيون آهن اهڙي فيصلي جي پ پ اميدوار جي وڪيل فاروق پيرزادي تصديق ڪئي آهي جڏهن گهوٽڪيءَ مان چونڊيل پ پ ايم پي اي سردار احمد علي پتافي خلاف فقير عبدالخالق ڀرچونڊي جي درخواست جي پڻ ٻڌڻي ڪئي وئي پ پ ايم پي اي پتافي پاران ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس منتقل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ داخل پٽيشن سبب اليڪشن ٽربيونل 28 آگسٽ جي نئين تاريخ ڏئي ڇڏي ڪيس نه هلايو ويو جڏهن ته لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ ڪامياب اميدوار الطاف حسين انڙ خلاف سهيل انور سيال، نوشهرو فيروز مان ڪامياب ڄاڻايل مسرور جتوئي خلاف پ پ اميدوار فيروز جمالي جي درخواستن تي سندن وڪيلن پاران جواب داخل ڪرايا ويا 27 آگسٽ تي ٻيهر ڌرين کي طلب ڪيو ويو آهي ڪنڌڪوٽ مان ڪامياب ايم پي اي عبدالرئوف کوسو، چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اسرار کوسو خلاف مير غالب حسين خان ڊومڪي جي درخواست جي پڻ ٻڌڻي ڪئي وئي آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو