سانگھڙ

سانگھڙ: صحافي مٿان ڪيس خلاف صحافي تنظيمن جو احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سانگهڙ

سانگھڙ: صحافي مٿان ڪيس خلاف صحافي تنظيمن جو احتجاج
سانگھڙ: صحافي مٿان ڪيس خلاف صحافي تنظيمن جو احتجاج
سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سنڌ جرنلسٽ آرگنائيزيشن ، پريس ڪلب سانگهڙ ۽ ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽ پاران سينيئر صحافي انجم آفتاب نظاماڻي تي پيرومل ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي صدر پريس ڪلب حسن لانڊر ، جنرل سيڪريٽري حاجي عيدو جيلاني ، عاجز منگي ، ا سلم ميمڻ ، امير بخش بڙدي ، مبين درس ، سرور بلوچ ، نثار منڱريو ، ياسين مغل ، هوش محمد منگي ، صغير احمد راجپوت ، فيض محمد وساڻ ، سيف الله مغل ، صدام ڪنڀر ، مرتضي منگي ۽ ٻين چيو ته پيرومل ٿاڻي تي غلام قادر ۽ اصغر مري سانگهڙ جي سينيئر صحافي انجم آفتاب تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، اهڙين حرڪتن سان صحافي ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا ، پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ترين ملڪ بڻجي ويو آهي ، حڪومت کي گهرجي ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ، ڪوڙا ڪيس ڪڏهن به صحافي جي رستا روڪ نه ڪري سگهندا ، اسين وزير اطلاعات کان مطالبو ٿا ڪيون ته صحافي خلاف داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جلد ختم ڪرائي وڃي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سانگهڙ ضلعي کان ، ميرپورخاص ڊويزن تائين وڌايو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button