مختصر خبرون

پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، پيرسن عورت جي دانھن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
ٻه ڏينهن اڳ مورو پوليس هٿان گرفتار ڪيل سڪندر ڪورائي جي پيرسن ماءُ مسمات حُسنه ڪورائي جي درخواست تي سيشن جج نوشهروفيروز جي حڪم تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي مورو ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هنيو، پر ڇاپي دوران مذڪوره نوجوان نه ملي سگهيو ۽ سول جج ايس ايڇ او مورو کي 10 جون تي ريڪارڊ سميت سيشن جج نوشهروفيروز جي عدالت ۾ هاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن سول جج جي ڇاپي هڻڻ کان پهريان مورو پوليس کي جج جي ڇاپي جي مليل ڳجھي اطلاع تي ان گرفتار ڪيل نوجوان کي لاڪپ مان ڪڍي ٻئي هنڌ لڪائي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل نوجوان سڪندر ڪورائي جي پيرسن ماءُ مسمات حُسنه زال روشن ڪورائي سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي جي آڏو داهيندي رهي ته منهنجي پٽ کي مورو پوليس گرفتار ڪري لڪائي ڇڏيو آهي ۽ ان مٿان ڦر جا ڪوڙا ڪيس ڪري ڇڏيا آهن ۽ منهنجو پٽ بي گناھ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button