مختصر خبرون

مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ تي ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان ميان محمد نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ رميز ڪلهوڙو، علي بخش عرف نانو ڪلهوڙو، محمد اسلم مغل، محمد ابراهيم عمراڻي، سعيد ستو، راهب ٻگهيو، منير ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن مسلم ليگ ن جي آفيس کان دهلن شرناين ۽ جهمرين سان ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ميڊيا آفيس آڏو پهتي جتي ڪارڪنن خوشيءَ ۾ مٺائي ورهائي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏيندو بجلي جي لوڊشيڊنگ، دهشتگردي، مهانگائي، بي روزگاري، بد امني کي ختم ڪرائيندو، هنن چيو ته هو ملڪ ۽ قوم جو حقيقي اڳواڻ آهي جنهن جي دل ۾ هر وقت عوام جو درد رهي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button