شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: جسمم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو

ٺانڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ

 شهدادڪوٽ: جسمم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو
شهدادڪوٽ: جسمم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾جسمم پاران ساگر سنڌي ۽ الاهي بخش مرکنڊ جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،جسمم ڪارڪنن آصف مگسي،آصف لاشاري،فياض مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته رياستي ڳجهن ادارن پاران جسمم حيدرآباد ضلعي جي اڳواڻ ساگر سنڌي کي ڏينهن ڏٺي ڌاڙيلن جيان اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي ۽ مٿس غير انساني تشدد ڪيو پيو وڃي، هنن انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهڙين ڏاڍاين جو نوٽيس وٺي، قوپرست اڳواڻن خلاف ڪاروايون بند ڪرائي سنڌي قوم ۾ پکيڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button