مختصر خبرون

مسلم ليگ فنڪشنل پاران اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلين خلاف احتجاجي مظاهرو

نويد قريشي،دادو
مسلم ليگ فنڪشنل پاران اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلين خلاف ضلع آفيس کان پريس ڪلب تائين عاشق پتافي،نديم عباس ڪابورو،حفيظ لاشاري،غني ٻٻر ۽ خالق چارڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪلن آڏو ڌرڻو هنيو اڳواڻن چيو ته چونڊين واري ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ريڪارڊ ٽوڙ ڌانڌليون ڪيون ويون پي.ايس74 تي فنڪشنل ليگ اميدوار سيد محمد شاهه چونڊين ۾ ڪاميابي ماڻي هئي پر ڌانڌلين ذريعي کيس شڪست ڏني وئي جنهن خلاف اڄ اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button