اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ووٽرن جي آڱوٺي جو نشان چيڪ ڪري ووٽنگ جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي، ڊاڪٽر قادر مگسي

فهيم ڀٽي ، ٽنڊومحمدخان

ووٽرن جي آڱوٺي جو نشان چيڪ ڪري ووٽنگ جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي، ڊاڪٽر قادر مگسي
ووٽرن جي آڱوٺي جو نشان چيڪ ڪري ووٽنگ جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي، ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته مو جوده اليڪشن ۾ پ پ پ سڄي ملڪ مان بري طور شڪست کاڌي آهي پر سنڌ ۾ وڏي ميندٽ سان کٽيو آهي ۽ اسان اهو سوال پچڻ جو حق رکون ٿا ته هنن سنڌ ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو جو شهيد راڻي جي شهادت کان به سندن اميدوارن وڌيڪ ووٽ کنيا، جڏهن ته پ پ جي وزيرن ۽ نمائندن جو سڄي سنڌ ۾ ڪنن آنن ۽ ڦٿل ٽماٽن سان استقبال پئي ٿيو،اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ٽي پي جي چونڊ جلسي ۾ ٿيل فائرنگ دوران زخمي ٿي ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪارڪن ڪريم ڏنو مگسي جي جنازي ۾ شرڪت کان پوءِ ترقي پسند آفيس تي پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته فوري طور هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙي ووٽرن جو اڳوٺن جي نشانن جون پرچيون سيل ڪري ووٽرن جي آڱوٺي جو نشان چيڪ ڪري ووٽنگ جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي پوءِ خبر پوندي ته انهن جو مينڊيٽ ڇا آهي ۽ جيڪڏهن اهي صحيح هوندا ته پوءِ اهي نتيجا قبول ڪنداسين ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ فوج ۽ رينجرز کي مڪمل اختيار ڏيئي اليڪشن ٻيهر ڪرائي وڃي، هن چيو ته نگران حڪومت ڊي آر اوز سان ملي ڪري انجنيئرڊ ڌاندلي ڪئي ، سڀني کي خبر آهي ته اسان سڀني پارٽين ملي ڪري تحفظات ظاهر ڪيا هئا ته نگران حڪومت مڪمل پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي گهر جي ٻانھي آهي، ۽ ڊي آر او به موجوده دور ۾ بدترين ڌاندلي ڪئي آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي اليڪشن واري ڏينهن صبح 5 بجي پولنگ اسٽيشنن جا هنڌ تبديل ڪيا ويا، جنهن سبب پ پ مخالف ووٽر پنهنجي پولنگ اسٽيشنز تي نه پهچي سگهيا ۽ هو سڄو ڏينهن پولنگ اسٽيشنون ڳوليندا رهيا ۽ شام جو کين اهو ٻڌايو ته توهان جو ووٽ ٿي ويو آهي. هن نواز ليگ سربراھ ميان نواز شريف کي واڌايون ڏيندي چيو ته پنجاب جي گورنر ۾ اخلاقي جرئت هئي جو هو اليڪشن هارائڻ واري عمل کان پوءِ فورن استيعفى ڏيئي ويو پر سنڌ جو گورنر اڃان تائين عهدي کي چنبڙيو پيو آهي ان ڪري نواز شريف کي اقتدار سنڀالڻ جي جلد بعد گورنر کي هٽائي ۽ هن ملڪ جي فيڊريشن کي حقيقي فيڊريشن بنائڻ لاءِ قدم کڻي، هن چيو ته موجوده اليڪشن ۾ انتظامي نااهلي سبب سٺي شهرت رکندڙ فخرالدين جي ابراهيم جي پوزيشن به داءُ تي لڳل آهي کيس پاڻ تي لڳل داغ ڌوئڻ کپي هن ان ڳالھ کي رد ڪندي چيو ته ڪو عوام قومپرستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي اسان اليڪشن ڪريٽيبلي کي نٿا مڃون عوام جي اڪثريت اسان سان گڏ آهي اليڪشن کي چورايو ويو آهي ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊاڪٽر جي ايم گل ضلعي صدر رضا محمد خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button