اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

اين اي 222: ھڪ پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

اين اي 222: ھڪ پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف
اين اي 222: ھڪ پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف
ٽنڊو محمد خان جي اين اي 222 ۽ پي ايس 53 جي گڏيل پولنگ اسٽيشن نمبر 113 ڊسٽرڪٽ اسپتال جي پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، پي ايس 53 جي اميدوار مير عنايت علي خان ٽالپر الزام هنيو ته اسان جي مخالفن پولنگ عملي کي يرغمال بڻائي ڪوڙا ٺپا هنيا آهن جنهن سبب اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي فتح کي پلاننگ تحت شڪست ۾ بدلايو ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن حد تائين پي ايس 53 ۽ اين اي 222 جي پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ٿيل عملو به ملوث آهي جنهن خلاف اسان اڳ ۾ ئي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر کي شڪايت ڪئي هئي ۽ اڄ عملي طرح اهڙو مظاهرو ڪيو ويو آهي هن الزام هنيو ته اسان جي مخالفن پرزائيڊنگ آفيسرن کي يرغمال بڻائي بيلٽ پيپر کسيا ۽ ٺپا هڻي بغير ويڙهڻ جي سڌا بيلٽ پيپر ڇڏي ويا جن کي ويڙهي بيلٽ باڪس ۾ وڌو پئي ويو ته اطلاع تي اسين پهچي وياسين ۽ ڊي آر او پڻ موقعي تي پهچي بيلٽ پيپرن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي هن الزام هنيو ته اهڙو ساڳيو واقعو فوڊ گدام واري پولنگ اسٽيشن تي پڻ ٿيو آهي جنهن جو ثبوت پڻ ڊي آر او کي ڏنا ويا آهن هن چيو ته ڳوٺ نبي بخش لغاري واري پولنگ اسٽيشن تي پولنگ عملو اسان جي ايجنٽن کي بغير رزلٽ ڏيڻ جي ڀريل بيلٽ باڪس کڻي فرار ٿي ويو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اسان کي تمام گهري سازش ۽ وڏي پلاننگ تحت هارايو ويو آهي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو