اليڪشن 2013سانگھڙ

سانگھڙ ۾ پولنگ ريشو گھٽ، ڪجھ ھنڌن تي جھيڙا

سرور بلوچ، سانگهڙ

سانگھڙ ۾ پولنگ ريشو گھٽ، ڪجھ ھنڌن تي جھيڙا
سانگھڙ ۾ پولنگ ريشو گھٽ، ڪجھ ھنڌن تي جھيڙا
سانگهڙ جي 3 قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي چونڊ عمل جاري ڪجهه هنڌن تي جهيڙا 2013 جي اليڪشن ۾ پولنگ ريشو گهٽ ڏسڻ ۾ آيو پولنگ اسٽيشن تي آرمي ، پوليس ۽ رينجرز جا جوان الرٽ سانگهڙ ضلعي جي 782 پولنگ اسٽيشن مان 136 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو هو جتي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا خبر موجب سانگهڙ ضلعي ۾ 782 پولنگ اسٽيشنن تي صبح جو 8 بجي کان پولنگ جو مرحلو شروع ٿيو جڏهن ته ضلعي اندر ڪوبه وڏو اڻوڻدڙ واقعو پيش نه آيو جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي پولنگ عمل دير شروع ٿيو ۽ ڪجهه هنڌن تي سياسي پارٽين پاران هڪ ٻئي جي ايجنٽن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جتي انتظاميه پهچي مسئلن کي حل ڪرايو جڏهن ته مياڻ جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي اميد علي وساڻ ۽ ڊي ايس پي جو ڊرائيور نصرالله زخمي ٿي رهيو جنهن تي پولنگ ڪجهه دير لاءِ روڪي ويئي اهڙي اطلاع تي آرمي ، رينجرز ۽ ايس ايس پي سانگهڙ پوليس جي وڏي اٽالي سان جهيڙي واري هنڌ پهتا جتان ٻن ڄڻن شير علي ۽ امير علي وساڻ کي گرفتار ڪيو ۽ پوليس نفري وڌائي پولنگ عمل کي ٻيهر شيوع ڪيو جڏهن ته سنجهورو شهر جي پولنگ اسٽيشن نمبر 154 ۾ پڻ فنڪشڻل مسلم ليگ ۽ پ پ جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ پي ايس 79 تي پ پ اميدوار چوڌري عاصم جي گاڏي نمبر اي ايس پي 007 تي فائرنگ ڪئي ويئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور بچي ويو ۽ ساڻس گڏ ويٺل سميع جٽ ۽ غلام مصطفي ببُو جٽ زخمي ٿي پيا ۽ پ پ اڳواڻ الطاف رند جي گهر مٿان پڻ فائرنگ ڪئي ويئي جتي جڳهه کي پڻ گوليون لڳل هنيون پ پ اميدوار چوڌري عاصم جٽ تي فائرنگ جي واقعي جي اطلاع تي پ پ اميدوار فدا ڏيرو سميت ٻيا اڳواڻ پهتا ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ نور حسن ورياماڻي پڻ پنهنجي ساٿين سميت اتي پهتو جهيڙي بعد پولنگ اسٽيشن بند ڪئي ويئي فائرنگ سبب شهر ۾ خوف هراس پکڙجي ويو وڏي انگ ۾ آرمي جا جوان ۽ رينجرز اهلڪار پهچي ويا ۽ پوليس پڻ وڏي انگ ۾ پهچي پولنگ اسٽيشن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ ٻيهر فوج جي نگراني ۾ ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو جڏهن ته سانگهڙ جي ايليمنٽري ڪاليج جي پولنگ اسٽيشن تي پڻ پ پ ۽ فنڪشنل جي ڪارڪنن جون پاڻ ۾ جهڙپون ٿيون جتي ڪجهه دير لاءِ پولنگ بند ڪئي ويئي جتي رينجرز جي پهچڻ بعد ٻيهر پولنگ عمل شروع ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button