پنجاب

يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي حيدر گيلاني اغوا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ميڊيا واچ

علي حيدر گيلاني
علي حيدر گيلاني
ملتان ۾ نامعلوم ماڻھن اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ جي اميدوار کي اغوا ڪري ڇڏيو آھي. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم ۽ پ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ تڪ پي پي 200 جي اميدوار علي حيدر گيلاني ڪارنر ميٽنگ جي سلسلي ۾ ھڪ گھر ۾ ويٺو ھئو ته ڪار ۾ اڻڄاتل ماڻھن ڪارنر ميٽنگ تي فائرنگ ڪري ڇڏي، علي حيدر گيلاني جو سيڪريٽري محي الدين مارجي ويو جڏھن ته پنج ماڻھو زخمي ٿي پيا. ھٿياربند گھر ۾ موجود علي حيدر کي اغوا ڪري ڪنھن اڻڄاتل ھنڌ تي وٺي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button