مختصر خبرون

ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستاني عوام جي خدمت ڪنداسين، پ پ اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما ۽ اڳوڻي وزيراعلي سيد قائم علي شاه جي ڌيءَ ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني ۽ اين اي 215 جي نامزد اميدوار حاجي نواب خان وساڻ چيو آهي ته پيپليز پارٽي جي قيادت ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي لاءِ پنهنجن جانن جا نذرانا پيش ڪيا ۽ ملڪ جي حقيقي جمهوريت کي نافذ ڪئيِ 11 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر عوام شهيد ذوالفقار علي بٽو جي خاندان سان محبت جو اظهار ڪندي تير تي ٺپو هڻي وفا جو اظهار ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن محله علي مراد ۾ پارٽي اڳواڻ سيد عابد حسين شاه پاران کوليل اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.حاجي نواب خان وساڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قائد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي محبت ۾ پاڪستان اچي ثابت ڪيو ته ليڊر اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهمجي قوم ۾ موجود هجن پي پي پي انشاء الله اليڪشن ۾ ڀرپور طاقت سان ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستاني عوام جي خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي سيد عابد شاه الوري بي بي نفيسه شاه ۽ حاجي نواب خان وساڻ کي تحفي طور روايتي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button