آرٽيڪل

هن کان پوءِ به؟

وقار سهتو
سنڌ هزارين سالن کان وجود رکي ٿي ان جي گواهي سنڌ ۾ جڳهه جڳهه موجود قديم آثار ڏين ٿا موهن جو دڙو، آمري رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي ان جا زندهه مثال آهن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جون گواهيون دنيا جي اوائلي تاريخن ۽ سياحن جي سفر نامن مان ملن ٿيون. سنڌ جو ماضي نهايت شاندار رهيو آهي سنڌي قوم امن پسند ۽ مهمان نواز قوم رهي آهي . تاريخ گواهه آهي ته سنڌي ڪڏهن به ڪنهن قوم تي ڪاهه، حمله ڪري نقصان نه پهچايو آهي. سنڌي قوم جي مهمان نوازي جو فائدو وٺي ڌارين بار بار سنڌ تي حمله ڪري مسلسل ڦر لٽ ڪري سنڌ جي خوشحالي اقتصادي، ترقي جي رفتار کي نه صرف روڪيو بلڪ پٺتي ڌڪي ڇڏيو.Waqar Sahto
11 مئي 2013 تي ٿيندڙ چونڊون ملڪ لاءِ هڪ قدم بهتر اڳتي ثابت ٿينديون يا جهڙي طرح 65 سال گذرڻ باوجود ملڪ ڊڪٽيٽرن ۽ جمهوريت جي دعويدارن جي وڏن نعرن باوجود جن ڀوڳنائن مان گذري رهيو آهي انهي نموني ساڳين ئي حالتن ۾ رهندو؟ سنڌي ماڻهو سٻاجها ۽ جلد معاف ڪندڙ آهن تنهنجي ڪري ئي پيپلس پارٽي جا ظلم ۽ ويساهه گاتيون وساري ووٽ ڏئي سنڌ ۾ وري ڪامياب ڪيو آهي. پي پي اقتدار جا ڏينهن ته پورا ڪيا پر هنن پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ سان جيڪي ناانصافيون ڪيون اهي تاريخ جي ورڪن ۾ ياد ڪيون وينديون . هنن جيڪي سنڌي قوم سان ظلم ڪيا ان کان به سنڌي قوم چڱي طرح واقف آهي . هي مهانگائي جو طوفان، مها ٻوڏ ۾ ڪابه سهي پلاننگ نه جوڙڻ هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙڻ ،پيٽرول، ڊيزل، سي اين جي جون قيمتون آسمان سان پيون ڳالهائن ، تعليم جي تباهي ، بيروزگاري عروج تي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا اٿن. رات جي پيٽ ۾ ٻٽو نظام ڪاري قانون جو بل پاس ڪرڻ، ڌارين لاءِ ذوالفقار آباد شهر اڏڻ ڪراچي ۽ ٺٽي جا قيمتي ٻيٽ غيرملڪين کي ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪرڻ ، ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي بندش هئڻ، سنڌي جي پنهنجي شهر ڪراچين مان سنڌي ڊاڪٽرن جي نيڪالي ، ملڪي خزانا خالي ڪرڻ.
ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ان ايم ڪيو ايم جي هوڏ تي پاڪستان ۾ اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو. پي پي بنيادي طرح هميشه سنڌ دشمن منصوبن تي عمل ڪندي آئي آهي. هاڻي به هنن مان اميد رکڻ اجائي آهي. هنن پنهنجي حڪومت جا ڏينهن ته پورا ڪيا پر انهن ڏينهن ۾ هنن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ان کان به سنڌ ۽ سنڌي قوم چڱي طرح واقف آهي. هنن پنهنجي دور حڪومت ۾ لکين ماروئڙن جون جهوليون خالي ڪيون. ڪي ئي عورتون بيواهه ڪيون . هنن ڪي ئي سنڌ ڌرتي جا قومي ڪارڪن شهيد ڪرايا. شهيد ٿيل قومي ڪارڪن ڳڀرو نوجوان جن جي هٿن تي مهندي به نه لڳي هئي ، سجاد مرکنڊ ۽ عامر کهاوڙ جن جو تعلق جساف سان ٻڌايو پيو وڃي هي ڪي پهريان شهيد ٿيل قومي ڪارڪن نه آهن هنن کان پهريان به ڪافي لاش سنڌ ڌرتي کي ڏئي چڪا آهن. باکوڙي موري وارو سانحو ڀلا ڪنهن کان وسري سگهي ٿو جنهن ۾ قومي تحريڪ جي 4 اڳواڻن کي شهيد ڪري لاش کي ساڙيو ويو، مظفر ڀٽي تي ڪيترائي مهينا تشدد ڪري کيس کي شهيد ڪري سندس لاش کي روڊ تي اڇلايو ويو سنڌ ۾ هلندڙ قومي تحريڪ جي عظيم ليڊر ۽ سنڌ ڌرتي جي غيرتمند پٽ محترم بشير خان قريشي کي به شهيد ڪيو ويو. 22 مئي تي ڪراچي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري سنڌ جي نياڻي غزالا صديقي کي به شهيد ڪيو ويو. هي سڀ ظلم هنن جي دور حڪومت ۾ ٿيا آهن. پر افسوس هي سنڌ جي شهيدن جي قاتلن کي سزا نه ڏياري سگهيا آهن. پيپلز پارٽي مان سنڌ جي ڀلائي لاءِ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ڇو ته سنڌ جو وزيراعلي رهندڙ قائم علي شاهه ڪجهه مهينا اڳ ميڊيا تي بيان ڏنو ته اسين ٻيهر اقتدار ۾ اچي ڪري ٻٽي نظام ڪاري قانون جو بل واپس آڻينداسين. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي ٻيهر اتحادي بڻائي سنڌ اندر حڪومت سازي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري چڪي آهي. هر سياڻو ماڻهو سمجهي ٿو ته ايم ڪيو ايم پنهنجا مفاد ماڻڻ خاطر حڪومت تي آڱرين تي ڪيئن نچائيندي ۽ پنهنجا مقصد حاصل نه ٿيڻ تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ۽ الٽيميٽم ڏيندي آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پيپلز پارٽي مان ڀلائي جي اميد رکڻ اجائي ۽ وقت جو ذيان ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button