آرٽيڪل

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ورسي جي مناسبت سان
21 مئي ……باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 43 هين ورسي ۽ منظم هاري تحريڪ جو سوال ؟
عزيز بروهي
اڄ جڏهن اسين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 43 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون ته ان وقت ملڪ جون مظلوم ۽ محڪوم قومون وڌيڪ قومي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن، ملڪ جا هاري ۽ پورهيت طبقاتي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل آهن پورو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن ۾ گهريل آهي، قومي ۽ صوبائي اسميبلي جون چونڊون پنهنجي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ٿي چڪيون آهن جاگيردارن جي نمائنده پ پ کي بدترين شڪست ڏئي سرمائيدار پنجابي قيادت اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. پر ملڪ جي هاري ۽ پورهيت عوام توڙي مظلوم ۽ محقوم قومن جي قسمت ۾ ڪو به ڦيرو ايندي نظر نه ٿو اچي ساڳيا لاٽو، ساڳيا چُگهه. ادو مئو ادي ڄائي اسين اوتري جا اوترا. بلڪه اڃا به مظلوم قومن جي اهنجن ۾ اضافي جا امڪان آهن، ڇو ته پنجاب جا ڏاڍ پرست حڪمران هاڻي هن ملڪ تي سڌي ريت حڪمراني ڪندا، جيڪي اڳ بظاهر لڪيل حاڪم هئا. Hyder Bux Jatoi
سنڌ جي هاري تحريڪ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جيڪا لڳ ڀڳ 3 سئو سالن جي عرصي تي محيط آهي، اڄ کان 3 صديون اڳ جڏهن سنڌ جي انقلابي سورهيه ۽ سچي صوفي شاهه عنايت شهيد چيو ته هي ڌرتي الله جي جيڪو هن تي هر هلائي ٿو سوئي ان جو حقيقي مالڪ آهي، يعني (جيڪو کيڙي سو کائي) سندس ان انقلابي پروگرام سنڌ ۾ زبردست مقبوليت ماڻي طبقاتي ڏاڍ ۽ ڦرلث جو شڪار هزارين هارين ان صدا کي لبيڪ چئي سندس چوگرد جمع ٿي ويا، ان وقت جي ڏاڍ پرست حاڪمن، پيرن، ملن ۽ جاگيردارن امن ۽ انصاف ۽ سماجي برابري جي لاءِ هلندڙ هارين جي ان انقلابي تحريڪ کي انتهائي بيدردي ۽ سفاڪي سان ڪچلي ڇڏيو، تحريڪ جي سرواڻ شاهه عنايت شهيد ۽ هزارين هارين ۽ هارياڻين کي سندس معصوم بيگناهه ٻارڙن سميت شهيد ڪيو ۽ تحريڪ جي مرڪز واري شهر جهوڪ شريف کي باهه ڏئي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. پر ان نعري جي ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جي گونج سنڌ اندر هر دور ۾ هاري تحريڪ جي روپ ۾ گونجندي رهي آهي، 1930ع ۾ جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، جمشيد مهتا، جمشيد نسروانجي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين سنڌ جي سياسي هلچل ۾ هارين جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اندر ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جي نعري جي صدا گونجڻ لڳي، سنڌ هاري ڪاميٽي حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ جي هارين ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي ۽ زوردار نموني سان اڀري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ کي زور وٺرائي آسمان تي چمڪندڙ ستاري واري حثيت ڏياري ڇڏي.
پاڪستان ٺهيو پر ڪا به سماجي تبديلي نه آئي، حالتون اڳي کان به وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳيون ۽ حڪمرانن سنڌ جي سياست ۽ حڪومت ۾ انڌيرنگري وارو راڄ قائم ڪري ڇڏيو، طبقاتي ڦرلٽ زورن تي هئي، سنڌ جي هيٺين طبقي کي مٿين طبقي جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو، قومي اڻ برابري پڻ وڌڻ لڳي، مذهب جي نالي تي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف هاري مسئلن تي اڳواڻي ڪندو هيو پر جمهوريت ۽ قومي حقن جي جدوجهد ۾ پڻ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، فوجي آمريت خلاف جڏهن هن ويڙهه ڪئي ته کيس جيل اماڻيو ويو، هن 1968ع ۾ سينٽرل جيل مچ ”بلوچستان“ ۾ ”پاڪستان زنده آباد“ تنقيدي بيت چيو جنهن ۾ هن چيو ته ”ڀريو ڀل قيد خانن کي ڪريو قابو جوانن کي ته پاڪستان زنده باد“ جڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس منير فوجي آمريت کي نظريي ضرورت تحت جائز قرار ڏنو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انگريزي ۾ هڪ پمفليٽ ”جسٽس آف چيف جسٽس“ لکيو ۽ چيف جسٽس جي ناانصافي جا پول پڌرا ڪيا، ته کيس انهي ڏوهه ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قيد ۽ بند جي تڪليفن هوندي به سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، 1935ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ته ان خلاف ڪتاب لکيا احتجاجي آواز بلند ڪيو، ٺهراءَ پاس ڪرايائين ۽ ان عيوض کيس جيل ياترائون ڪرڻيون پيون پر هڪ پل لاءِ به مادري وطن سنڌ ۽ ان جي مٽي هاڻن ماڻهن کان هڪ پل لاءِ به پري نه رهيو انهن سان سندس محبت ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي، هن عوامي سجاڳي لاءِ زبردست محنت ڪئي، بعض وقتن تي هي ٽرين ۾ سفر دوران هڪ گاڏي کان ٻي گاڏي ۾ چڙهي ويندو هو ۽ دوائون وڪڻندڙن وانگر بيهي تقرير ڪندو هو ۽ ماڻهن سان ڌرتي جي سورن ۽ اهنجن جو ذڪر ڪندو هو، هي شخص ڊپٽي ڪليڪٽر جو عهدو ڇڏي آيو هو پر ڪنهن به پروٽوڪول کان بالا تر عوام جي محبت واري جذبي سان سرشار هو سندس چوڻ هيو ته منهنجو مستقبل قوم جي مسقتبل کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي يا وري سنڌي ٻولي خلاف سازش الاٽي تحريڪ هجي يا فوجي آمريت خلاف جدوجهد يا وري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ. 1957ع ۾ جڏهن ڪراچي مان سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏيڻ جي سازش ٿي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اٿي کڙو ٿيو ۽ ان سازش کي وائکو ڪيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ“ شاهڪار نظم چئي حڪمرانن کي للڪاريو سندس چيل ان نظم ايڏي مقبوليت ماڻي ورتي جو سنڌ اندر اهو نعرو بڻجي ويو ۽ سنڌي هڪ ٻئي کي کيڪارڻ وقت سلام طور جيئي سنڌ چوڻ لڳا ۽ اڄ سوڌو جيئي سنڌ سنڌين وٽ سلام بڻجي ويو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1950ع ۾ سنڌ ٽينسٽي ايڪٽ منظور ڪرائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اڌ بٽئي توڙي ڇيڙ ۽ بيگار خلاف وڏيون تحريڪون هلايون جن تحريڪن ۾ هارين قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪيون، هاري ورڪرن شهادتون ماڻيون، اڌ بٽئي تحريڪ ۾ شهيد مائي بختاور، شهيد بالاچ بروهي ۽ ٻين پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو جن پنهنجي رت جو ريج ڏئي ان تحريڪ کي ڪامياب ڪيو، اهو سڀ ڪجهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي رهنمائي ۾ ٿيو، اڄ جڏهن سنڌ جو هاري ۽ پورهيت قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ جو شڪار آهي، سندن حالت ڪسمپرسي واري آهي هاري تحريڪ ڇڙ وڇڙ ۽ ڪمزور حالت ۾ آهي، ماضي جي هاري تحريڪن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو، نواز شريف، بينظير ڀٽو پاران ڪيل زرعي سڌارا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏنل زمينون ٻيهر جاگيردارن جي قبضي هيٺ اچي ويون آهن لکين هاري اڄ به بي گهر آهن ۽ هزارين هاري ڏاڍ پرست زميندارن جي قيد خانن ۾ قيد آهن جتي کائن جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو، سندن نياڻين جي عصمت دري ٿي رهي آهي، 1950ع ۾ منظور ٿيل سنڌ ٽينسٽي ايڪٽ هن وقت ناڪاره ٿي چڪو آهي ويتر وري گذريل پ پ حڪومت جيڪا پنهنجو پاڻ کي هارين ۽ مزدورن جي حڪومت چورائيندي نه ٿڪبي هئي تنهن ويندي ويندي سنڌ جي هاري تنظمين ۽ ٻين گهڻ گهرن پاران سنڌ ٽينسي ايڪٽ جي بل وارو ترمميمي مسودو جنهن ۾ هاري دوست ترميمون ڪرائڻ لاءِ جمع ڪرايو هو تنهن ۾ هاري دشمن ترميمون ڪري اسيمبلي ۾ ويٺل جاگيردارن کي خوش ڪري ڪروڙين هارين کي رنجايو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ٽينسي ايڪٽ مان هاري دشمن شڪون ختم ڪرائي هاري دوست شڪون شامل ڪرائڻ توڙي هارين جي پنهنجي گهرن ۽ زرعي سڌارن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، دراصل زرعي سڌارن توڙي سنڌ ٽينسيي ايڪٽ مان هاري دشمن شڪون ختم ڪرائڻ ۽ هارين کي پنهنجا گهر ڏيارڻ هارين جي بنيادي انساني حقن جي بحالي آهي. اسين سمجهون ٿا ته ” جو کيڙي سو کائي“ واري فلسفي تي عمل کانسواءِ هارين کي سندن بنيادي حق ناهن ملڻا، ان ڪري سنڌ جي هارين ۽ سندن گهڻ گهرن لاءِ ضروري آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي هاري تحريڪ کي منظم ۽ متحرڪ ڪري هارين جي حقن لاءِ ميدانِ عمل ۾ اچڻو پوندو، اهو ئي اڄ جي ڏينهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيد بخش جتوئي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي ۽ ان ۾ ئي هارين جي نجات جو گس پڻ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button