اليڪشن 2013ھنڱورجا

اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري۽ جاويد شاھ جيلاني
سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري۽ جاويد شاھ جيلاني
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ، درخواست ڏيندڙ پي پي اميدوار ووٽن جي ڳڻپ دوران ڳڻپ جي عمل جو بائڪاٽ ڪري هليو ويو. سيڪيورٽي جا انتظامات انتهاهي سخت ڪيا ويا. رينجرس ۽ پوليس پاران آر او آفيس جا سڀ رستا سيل ڪيا ويا. عام ماڻهن ۽ ميڊيا جي ماڻهن تي پابندي وڌي وئي، ڳڻپ وارو عمل مشڪوڪ هجڻ ڪري بائڪاٽ ڪيو. جاويد شاهه جيلاني ، مخالف شڪست ڏسي پوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي کيس کي عوام جو فيصلو قبول ڪرڻو پوندو، فنڪشنل ليگ جي ڪامياب اميدوار سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري.
تفصيل موجب اين اي 217 جي پي پي جي اميدوار سيد جاويد علي شاهه جيلاني پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ٽربيونل کي ڏنل درخواست کان پوءِ جمعي جي ڏينهن اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي رٽرننگ آفيسر گمبٽ جي آفيس ۾ اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ، پي پي جي سيد جاويد شاهه جيلاني جي نمائندگي ڪندڙ ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ۽ ٻين آزاد اميدوارن سيد محرم علي شاهه لڪياري، خالد احمد شيخ جي موجودگي ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو ڪنگري تعلقي جي هڪ پولنگ جا ووٽ ڳڻپ ڪرڻ دوران پي پي جي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ڳڻپ واري عمل تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي ان عمل جو بائيڪاٽ ڪري هلي وئي جنهن سبب ٻيهر ڳڻپ وارو عمل رڪجي ويو. ان کان اڳ اين اي 217 جي ٻيهر ڳڻپ ٿيڻ دوران رٽرننگ آفيس ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستا مڪمل طور تي بند ڪري اتي رينجرس ۽ پوليس جي نفري کي بيهاري انتظامات سخت ڪيا ويا هيا ايتري قدر جو ميڊيا جي ماڻهن کي پڻ اندر اچڻ کان روڪيو ويو. سيڪيورٽي جا سخت حفاظتي انتظامات ڪيا ويا هيا. جڏهن ته آر او آفيس جي ٻاهران ٻنهي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هيو، جڏهن ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪندڙ پي پي اميدوار سيد جاويد شاهه جو چوڻ آهي ته ٺپا لڳل بيلٽ پيپر نه ڏيکاريا ويا جنهن ڪري ڳڻپ وارو عمل مشڪوڪ هجڻ ڪري عدم اعتماد ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مخالف پي پي اميدوار چونڊن ۾ هارائڻ کان پوءِ پوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري پي پي اميدوار کي پنهنجي شڪست قبول ڪرڻي پوندي باقي جيتريون به سازشون ڪندو اسان انهن سازشن جو مڙسي سان مقابلو ڪنداسين. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست به جاويد شاهه جيلاني ڏني ۽ وري ڳڻپ واري عمل جو به پاڻ بائيڪاٽ ڪري ڀڄي ويو آهي. هن چيو ته تڪ جي عوام جو فيصلو کيس کي مڃڻو پوندو. منهنجي ڪاميابي تڪ جي غريب ، مسڪين، مظلوم عوام جي ڪاميابي آهي ياد رهي ته 11 مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اين اي 217 تڪ تي فنڪشنل مسلم ليگ اميدوار سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري 75862 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پي پي جي سيد جاويد علي شاهه جيلاني 71916 ووٽ کڻي سگهيو هيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button