مختصر خبرون

اليڪشن۾ نون چهرن جي ضروروت آهي، اعجاز ملاح

نويد قريشي ،دادو
پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪري ڇڏي محله قلندرآباد ۽ ملاح چوڪ ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون ڪارنر گڏجياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي عوام هاڻي اهڙن اميدوارن کي ووٽ نه ڪندو ان کان اڳ قلندرآباد محله ۾ عورتن جي ووٽ جي اهميت بابت ورڪشاپ ٿيو جهن کي سماج سڌارڪ عورت اڳواڻ عرفانه ملاح،امر سنڌو خطاب ڪندي چيو ته عورت جي ووٽ جي اهميت ڪنهن کي به خبر نه آهي عورتون هاڻي سڄاڳ ٿي ويون آهن هاڻي اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏينديون جيڪو عورتن جي حقن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاء آواز بلند ڪندو .دادو ۾ اعجاز ملاح بهترين اميدوار آهي عورتن چيو ته دادو جون عورتون پي.ايس74 جي آزاد اميدوار اعجاز ملاح کي ووٽ ڪنديون..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button