اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ٽنڊومحمدخان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي نه هئڻ برابر رهي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊومحمدخان
TMK election 2013 (640x197)ٽنڊومحمدخان جي هڪ قومي اين اي 222 ۽ ٻه صوبائي تڪن پي ايس 53 ۽ پي ايس 54 لاءِ پولنگ جو سلسلو صبح دير سان شروع ٿيو ، ڪل 242 پولنگ اسٽيشنز لاءِ عملو گذريل ڏينهن پهچي چڪو هو ٽنڊومحمدخان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي نه هئڻ برابر رهي ، جنهن سبب ڪيترن ئي هندن تي ليڊيز پولنگ اسٽيشنز ڪيترن ئي ڪلاڪن لاءِ بند رهيون ،ڪيترن ئي هنڌن تي پ پ ۽ فنڪشنل ليگ جي ماڻهن ۾ جهڳڙا هلندا رهيا ، جن ۾ سليمان سومرو ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيري ، مير جي کري ، ڳوٺ جمعون کنجيجو ، باقر نظاماڻي ، راڄو نظاماڻي ، سعيد متو ، رشيداڻي چانڊيو ، فوجي شوگر مل اسڪول جون ليڊيز پولنگ اسٽيشنز شامل آهن ، پي ايس 50 شيخ رهاڻ جي علائقي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي حامين ۾ جهڳڙي سبب ڪلاڪ پهرين پولنگ اسٽيشن بند ڪئي ويئي ، ڳوٺ جمعو کنجيجو ، ٽنڊوفضل ۽ ميرجي کري تي پ پ کي ووٽ نه ملڻ سبب پ پ جي حامين پاران زبردستي پولنگ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ پولنگ اسٽيشن بند رهي ، جڏهن ته باقر نظاماڻي ، باقر نظاماڻي ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ٽنڊومحمدخان جي ليڊيز پولنگ به مختلف گروپن ۾ جهڳڙي سبب ڪيتري دير روڪيو ويو ، فوج ۽ رينجرز جي پهچڻ کانپوءَ ٻيهر هلائي ويئي ، جڏهن ته پولنگ عملي لاءِ ڪنهن به قسم جي کاڌي پيتي ۽ پاڻي جي سهولت ميسر نه هئي جنهن سبب عملو بک ۽ اڃ کان پاهه ، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سواءِ هڪ ٻه پوليس اهلڪارن جي ڪٿي به سيڪيورٽي پلان نه جوڙيو ويو فوج ۽ رينجرز نظر نه آيون ، ٻيو ته ووٽنگ جو عمل تمام سست رفتار رهيو جنهن سبب ووٽرزپنهنجي حق کان محروم رهيا ۽ ٽرانسپورٽ نه هئڻ ڪري ڪيترائي ووٽر پولنگ اسٽيشن تي به نه پهچي سگهيا ، ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ نه هئڻ ۽ غلط هجڻ جي شڪايت هئي ، ٽنڊومحمدخان فوجي شوگر ملز جي پولنگ اسٽيشن تي ڌاندلين جو عمل جاري رهيو پر ٻنهي گروپ جي پهچڻ کانپوءَ بند ٿي ويو پيئي ، افسوسناڪ واقعو اهو آهي ته ڏينهن ڏٺي جو گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي پولنگ اسٽيشن جي پرزائيڊنگ آفيسربيلٽ باڪس کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميڊيا جي اچڻ سبب ناڪام ويو .

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close