آرٽيڪل

بکو ديرو جو سقراط صدام جتوئي

وفا صالح راڄپر باڊهه
feather_penهن سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي انتهائي پياري دوست مشتاق ڪوچنگ سينٽر ڏوڪري زولاجي باٽني پڙهائيندڙ بلاول زهراڻي جي معرفت ٿي، ياد ڪرڻ جي باوجود به اهو ياد نه ٿو پوي ته اها پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪئين ٿي هئي پر مان ايترو يقين سان ضرور چئي سگهان ٿو ۽ مون کي اهو وشواس به آهي ته پالڻهار کي ضرور منهنجي اهڙي ڪا ڪيل چڱي نيڪي ياد آئي هوندي جو ان نيڪي جي بدلي صدام جتوئي جهڙي پيار ماڻهو جي دوستي جي دامن سان مون کي نوازي ڇڏيائين صدام جتوئي جي دوستي جو دامن ملڻ سان مون کي مولا علي مشڪل ڪشا جو قول ذهن تي تري ٿو اچي ته ”غريب اهو آهي جو ڪو به دوست ڪونهي“ ان حوالي سان يقينن مان ڀاڳوند، خوشقمست ۽ خوشنصيب آهيان جو صدام جتوئي جهڙي پياري ماڻهو ۽ کاهوڙي دوست جي دوستي جو دامن ميسر ٿيو آهي ۽ ڌڻي در دعاگو به آهيان ته دوستي جي انهي پاڪ پوتر دامن کي وقت ۽ حالت جي دز ڪڏهن به لٽي نه ٿي سگهي، گول چهرو گهاٽا ڪارا وار ۽ پاسي تي سينڌ مشڪي رنگ بلڪه ڪنهن حد تائين پڪو رنگ، مشڪي ۽ پڪي رنگ جي حوالي سان پامسٽري جو علم ٻڌائي ٿو ته اهو رنگ وفاداري ۽ سچائي جي نشاني آهي، صدام جتوئي مشڪي رنگ هوندي به ننهن کان چوٽيءَ تائين سڀني وصفي سهڻو لڳندو آهي، خاص ڪري اڇي رنگ جي شيرواني اوڍيندو آهي ته ڪيتريون ئي دوشيزائون هن مٿان قربان ٿي وينديون آهن ۽ هو ڪنهن ڏي به اک کڻي ڏسندو به ناهي، هو جهڙو پاڻ وصفي سهڻو آهي تهڙو اندر جو به سهڻو، اجرو ۽ کير جهڙو اڇو آهي، ان ڪري ئي هن ڪڏهن منافقي کي پنهنجي اندر ۾ جاءِ نه ڏني آهي ۽ نه ئي منافق ماڻهو گهڻو وقت هن جي دل ۾ ۾ ٽڪي سگهيو آهي طبيعت چوٿين دنيا جي ڏاهي ۽ قومي دانشور عبدالواحد آريسر جيان سادو سودو ۽ وسيع ڪائنات جيڏي وسيع سوچ ۽ وسيع ذهن رکندڙ صدام جتوئي ڳالهائي ته ساز ٽڙي پون، ڪٺور ۽ پٿر دليون پاڻي پاڻي ٿي پون، خاموش رهي ته چوڏس خزان ڇائنجي وڃي ۽ گل چٿي پون، بادامن جهڙيون ننڍڙيون پياريون خوبصورت ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ اکيون کڻي ڪنهن ڏانهن اڇلي ته اهو هميشه لاءِ صدام جو ٿي ويندو، سندس اکين ۾ اهڙي قدرتي ڪشش رکيل آهي، مايوسيءَ کان پري سدائين پنهنجي چهري تي مرڪن جا رابيل پکڙيندڙ ڪچهري ۽ بحت جو ڪوڏيو ڳالهه ڳالهه تي دليلن ۽ قولن جا ڍير لڳائيندڙ لاڙڪاڻي ضلعي تعلقي ڏوڪري ۽ هاڻوڪي تعلقي باقراڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ بکو ديرو سان تعلق رکندڙ دور هوندي به هر پل هر گهڙي منهن جي دل جي قريب قريب رهندڙ صدام جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڳوٺاڻي هئڻ ڪري سندس ذهانت ۽ ڏاهپ جو نه در ۽ دريون ننڍي عمر ۾ کلي ويون، سندس ذهانت، ڏاهپ ۽ دانشمندي کي ڏسندي اهو چوندي مون کي ڪا به رڪاوٽ محسوس نه ٿي ٿئي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ بکو ديرو ۾ ڪو ڏاهپ ۽ دانشمندي جي لاٽ صدام ئي ٻاري سگهي ٿو. ننڍي عمر ۾ صدام جتوئي جي ڏاهپ، ذهانت ۽ دانشمندي جا مثال واهڻ وستي شهر توڙي ڳوٺ ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ هر والدين جي دل ۾ اهائي خواهش اڀري نڪري آهي ته اسان جو اولاد به جيڪر صدام جتوئي جهڙي ٿي پوي ته اها اسان جي ڪاميابي ۽ خوشقمستي چئبي پر صدام جتوئي جهڙو ٿيڻ نه رڳو مشڪل آهي پر هڪ وڏي چئلينج به آهي، هن کي لکڻ پڙهڻ سان جنون جي حد تائين جيڪو عشق ۽ لڳاءُ آهي ان عشق ۽ لڳاءُ هئڻ جي ڪري هن کي پنهنجي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ پوزيشن هولڊر بڻائي ڇڏيو آهي، اڪثر اهڙا شاگرد پاڻ کي انائن جي ڪوٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن پر صدام جتوئي وٽ انا جي جاءِ تي توهان کي سادگي، سچائي، پيار ۽ خلوص ڏسڻ ۾ ايندو ۽ انهي خوبي ويتر هن جي شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڪاليج جي پروفيسرن جي چواڻي ته جڏهن کان هن ڪاليج جو بنياد پيو آهي تڏهن کان اسان جي نظر ۾ صدام جتوئي هن ڪاليج جو پهريون شاگرد آهي، جيڪو ذهين، ڏاهو ۽ هوشيار آهي انگريزي کي ته پاڻي جيان پيئندو آهي، ان کان پنهنجي هر سب سبجيڪٽ ۾ ايترو ئي هوشيار آهي، جيترو انگريزي ۾ سائنس ته هن جي پسند جو سبجيڪٽ رهيو آهي، سائنس تي توهان کي ليڪچر ڏئي يا بحث ڪري ته توهان جي ذهنن جا نٽ بولٽ ڍلا ٿي ويندا صدام جتوئي جي دوستي جو حلقو به پنهنجي شخصيت، ذهانت ۽ ڏاهپ جيان وسيح رهيو آهي، صدام جتوئي جو حلقو به پنهنجي شخصيت، ذهانت ۽ ڏاهپ جيان وسيح رهيو آهي، صدام جتوئي جي ذهانت ڏاهپ ۽ دانشمندي کي کيس دوستي جو حلقو بکو ديرو جو سقراط چوندا آهن، جنهن به دوست کيس ڪهڙي به رنگ ۾ ڏٺو آهي ته ان پنهنجي حساب سان خطابن سان پئي نوازيو آهي ۽ هن جا سور سمورا رنگ ڪچا نه بلڪه پڪا ۽ حقيقي آهن، اھي رنگ ڪڏهن به هن جي ذهن ۽ دل تان ميسارجي نه ٿا سگهن، دوستي جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به عمر کي اهميت نه ڏني آهي ۽ نه ئي وري ڪا طور ماپ ڪئي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن پير وڏيري ۽ مير اولاد سان دوستي رکڻ کي اهميت ڏني آهي، هن هميشه سٺي سوچ ۽ سٺي ذهن کي اهميت ڏني آهي سٺي سوچ ۽ سٺي ذهن رکندڙ پاڻ مرادو هن جي دوستي جي راڳي تسبيح جي مڻين جئين پوئجي ويندو آهي ۽ هو هر ڪنهن سان دوستي نڀائيندو پيو اچي ۽ دوستي نڀائڻ جو ڏانءُ ۽ هر ڪوئي صدام کان سکي ڪنهن به وقت ڪهڙي به ٽائيم تي جنهن به دوست جي فون آئي ته ڪو بهانو بڻائڻ بدران ان جي آواز ۽ ان جي سڏ کي لبيڪ چئي جهڙي تهڙي حال ۾ پهچي ويندو آهي، جسم تي مير يا بغير استري ٿيل ڪپڙا ۽ پيرن ۾ ٻي ڪنهن چپل ڏسي دوست چوندا اٿس ته ڀلا هنيئر ئي نڪري پئين دوست جي اهڙي سوال تي استاد بخاري جو هي بيت چئي ڏيندو آهي ته
محبوب چيو ته پهچ اچي پهتو آهيان،
تنور هئي واٽ پچي پهتو آهيان،
هن حال ۾ ڏسي غم نه ڪر اي دوست،
برحال تو وٽ ته بچي پهتو آهيان.
دوستن جي خوشي ۾ تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي ۽ دوستن جي خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهندو آهي، دوستن ٿوري به ڏک سور تي سڄو رتو ڇاڻ ٿي پوندو آهي ۽ ڀترن جيان ڀري پوندو آهي، دوست جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهندو آهي، هو پنهنجي سڀني دوستن سان بي پناهه محبت ڪندو آهي، هن جي محبت جو محور سنڌ ۽ دوست رهيا آهن، بقول صدام جتوئي جي ته ٻين دوستن جي ڀيٽ ۾ نور زهراڻي منهنجو اهڙو دوست رهيو آهي جنهن جي اڳيان منهنجي زندگي کليل ڪتاب جيان رهي آهي، نور زهراڻي منهنجي زندگي جو هڪ اٽوٽ حصو آهي، پنهنجي زندگي ۾ کوڙ ساترا هڪ جهڙا حادثا به پيش آيا آهن، مون هن سان گڏجي ٽهڪ به ڏنا آهن ته هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ٻارن جيان اوڇنگارون ڏئي رنو به آهيان، مان اڄ به ڪجهه به آهيان اهو نور زهراڻي جي ڪري آهيان، مون کي ادب جي هن طويل اڻ کٽ ۽ اٽانگي سفر ۾ نور ئي آندو نور منهنجو ادبي استاد به آهي ته ساڳي وقت منهنجو محسن به آهي، مون نور کان سواءِ پاڻ کي اڌرو ۽ اڻپور سمجهندو آهيان، صدام جتوئي جي مطالعي جي اک تيز ۽ تکي رهيو آهي، هن پنهنجي ادبي سفر پڙهڻ جي شروعات لبنان جي مشهور لکيڪ خليل جبران جا سمورا ڪتاب ملندا خليل جبران جو ديوانو ۽ ان کي گهڻو پڙهڻ جي ڪري سندس لکڻين به خليل جبران جو عڪس سمايل آهي ۽ اها ڪا خراب ڳالهه به ڪونهي، سنڌ ۾ الائي جي ڪيترائي اهڙا ليکڪ به آهن جن تي پنهنجي چاهيندڙن جو عڪس رهيو آهي، صدام جتوئي کي ڪيترا ئي خليل جبران جا ڪتاب به زبان ياد آهن ان جو اندازو توهان کي صدام جتوئي سان خليل جبران جي ڪنهن به ڪتاب تي بحث دوران لڳائي سگهو ٿا، توهان خليل جبران جي ڪهڙي به ڪتاب جو ٽڪرو کڻي پڙهي ٻڌايو ته هو فورن توهان کي ڪتاب جو نالو ۽ ٻڌايل حصي جو صفحو نمبر به سولائي سان ٻڌائي سگهي ٿو، خاص ڪري ڀڳل کنڀڙاٽيون ۽ ڪنوار جي سيج ته هر زبان ياد اٿيس ان جو اکين ڏٺو گواهه مان پڻ آهيان، خليل جبران جي اسٽائيل ۾ لکڻ ڪري ۽ خليل جبران جو ديوانو هئڻ ڪري مان کيس صدام جتوئي بجاءِ جبران جتوئي چوندو آهيان، اوهان کي هن جي ذوق، ذهانت، ڏاهپ ۽ دانشمندي جي خبر تڏهن پوندي جڏهن توهان کيس ڪچهري ڪندو، جهڙو مٺو ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ هوندو آهي، اهڙي منفرد ماکي جهڙو مٺو ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ هوندو آهي، اهڙي منفرد انداز ۾ بحث ڪرڻ تي نور ۽ مان داد ڏيڻ کانسواءِ رهي به نه سگهندا آهيون. هو ننڍي عمر سعادت حسين منٽو ۽ خليل جبران کي هضم ڪيون ويٺو آهي، ان کان علاوه غالب، فيض، اقبال، مير تقي مير، امر جليل، پروين شاڪر، آڪاش انصاري، وصي شاهه، اياز، استاد، علي بابا ڪڙهيون ويٺو آهي، شاعري ۾ شيخ اياز، تاج بلوچ، حليم باغي، هن جا پسند جا شاعر رهيا آهن، هو نور زهراڻي ۽ مون جيان شيخ اياز پنهنجو مرشد شاعر ڪري مڃندو آهي ۽ اياز جي ڪيتري ئي شاعري هن کي زباني ياد آهي، صدام جتوئي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سڏجندڙ سنڌي ادبي سنگت جو پهريائين ميمبر ۽ هاڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ جي خزانچي واري عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي آيو آهي، سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري کي مرڪز پاران اهو اعزاز حاصل آهي ته هو لاڙڪاڻِي ضلعي جي ٻين شاخن جي ڀيٽ ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان سٺي ۽ سرگرم شاخ آهي، هن شاخ ڪيترا ئي وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، هاڻي ڏسڻو آهي ته سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري صدام جتوئي جي ڪيتري آبياري ڪري ٿي ۽ صدام جتوئي کي ڪٿي ٿي بيهاري.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button