اليڪشن 2013باڊھ

باڊھ: ڪامريڊ قادر بروهي جي حمايت ۾ گڏهه گاڏا ريلي ڪڍي وئي

عبدالمجيد جهتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊهه

باڊھ: ڪامريڊ قادر بروهي جي حمايت ۾ گڏهه گاڏا ريلي ڪڍي وئي
باڊھ: ڪامريڊ قادر بروهي جي حمايت ۾ گڏهه گاڏا ريلي ڪڍي وئي
سنڌ ترقي پسند گڏهه گاڏا يونين پاران قاسم چنا، اصغر نوناري، عزيز بروهي، ممتاز پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پي ايس 41 تي ايس ٽي پي جي اميدوار ڪامريڊ قادر بروهي جي حمايت ۾ شهر جي درگاهه چوڪ کان گڏهه گاڏا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مکيه روڊن رستن جو گشت ڪرڻ بعد حيدر چوڪ وٽ پهتي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلي جي اڳواڻن چيو ته اسان هر ڀيري ٻاهرين ڀوتارن کي پنهنجا ووٽ ڏئي اسمبلين ۾ موڪليو پر هنن چونڊجڻ کانپوءِ اسان جي مسئلن کي وساري پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ مصروف ٿي ويا، هنن بيروزگار غريب نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ پنهنجن بنگلن تي ويهي نوڪرين جا آرڊر وڪرو ڪيا، سندن نااهلي جي ڪري اسان جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌي وڻ ٿي ويا آهن. تنهن ڪري اسان پنهنجي شهر جي پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي کي ووٽ ڏئي اسمبيلي ۾ موڪلينداسين ته جيئن علائقي جا مسئلا حل ٿي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button