اميدوار لاءِ انٽري ٽيسٽ لازمي آ….

راشد حسين ميمڻ،سيوهڻ شريف
اليڪشن 2013 ۾ اميد وارن سان ٿيندڙ دلچسپ گفتگو ٿيندي عوام ڪجهه خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن،پر حقيقت هيءَ آهي ته روئڻ ٿو اچي انهن ماڻهن تي جيڪي ملڪ جي واڳ سنڀالڻ جا خواهشمند آهن، اُهي حضرات ننڍي ننڍي بنيادي ڄاڻ کان به اڻڄاڻ آهن،اچرج ۾ اچڻ جي ڳالهه آ ته انهن کي قرآن جي سيپارن جي خبر نه آهي..! انهن کي ايتري به خبر ناهي ته ٻيو ڪلمو ڪهڙو آهي…! اُهي اهو به نٿا ڄاڻن ته ڪيترا پيغمبر آهن…! مسلمان هوندي به دعاِ قنوت کان اڻواقف آهن…! پاڻ کي سچو ۽ پڪو پاڪستاني سڏائن ته ٿا پر انهن کي ايتري قوتِ حافظو به ناهي جو سندن کي خبر پئي ته پاڪستان جو قومي ترانو ڪنهن لکيو…! افسوس ٿو ٿئي ته موجوده دور ۾ اِن ڳالهه کان به ناواقف آهن ته پاڪستان ۾ گهڻا صوبا آهن..! 18 ڪروڙ آبادي واري ملڪ جي آدم شماري 1.5 ڪروڙ ٿا ٻڌائن…! پاڪستان جي باني قائدِ اعظم جي 14 نقطن جي ڄاڻ به سندن جي ذهنن ۾ ناهي. انهن جي ذهنن ۾ اگر آهي ته ڪرسي، پيسو،عياشي،ٻٽي هرت،جعلي ڊگريون،رشوت،دهشتگردي،اشٽريٽ ڪرائيم،ڌماڪا،چوريون،ڦُرن ۽ ٻين معاشرتي براين کي هٿي وٺرائڻ، هنن جي ذهنن ۾ اگر آهي ته VIP Protocol جي ضرورت آهي، هو چاهين ٿا اسان جي اڳيان پويان غريب اٻوجهه انسان سائين سائين ڪندا وتن.! هو ويچارا ايترا ته مصروف آهن جو انهن کي ڪهڙي خبر ته اسلام جا رڪن ڪهڙا آهن، هو ڪڏهن نماز پڙهن ته دعاءِ قنوت به ياد ڪن.!
بحرحال محترم چيف جسٽس جَن کي هي گذارش آهي ته هي عمل تمام بهترين آهي جو اميدوارن کان سوال پڇيا وڃن ٿا، عوام به ان عمل کي بهترين سمجهي ٿو. ڇوته ڪوبه شاگرد اگر يونورسٽي تائين تعليم حاصل ڪري ٿو ته ان لاءِ به انٽري ٽيسٽ هوندي آهي، اگر نوڪري وٺڻي آهي ته ان لاءِ به ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي ضرورت هوندي آهي پوءِ چاهي ڪهڙي به اسڪيل جي هجي.. ان لاءِ به محنت ڪرڻي پوي ٿي.
ته پوءِ انهن کان انٽرويو ڇو نه ورتو وڃي جيڪي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جا اميدوار آهن ۽ پاڻ کي ان جي لائق سمجهن ٿا چيف جسٽس صاحب کي گذارش آهي ته براءِ مهرباني اِن انٽرويو واري عمل کي جاري رکن ته جيئن خبر پئي ته ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ ڪيتري پاڻي ۾ آهن، انهن جي ذهنن ۾ ڪيتري ڄاڻ آهن ڇا اهي ان هيڏي ساري ذميواري جي لائق به آهن يا نه .