اسلام آباد

ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ 5.9 جي شدت جا زلزلي جا جھٽڪا، 3 ڄڻا زخمي

Earthquake (640x361)اسلام آباد: گاديءَ واري شھر اسلام آباد، راولپنڊي، لاھور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف علاقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات جي محڪمي مطابق زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.9 ريڪارڊ ڪئي ويئي جنھن جو مرڪز افغانستان، تاجڪستان سرحد تي ھئو، زلزلي جا جھٽڪا 11 لڳي 31 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. اطلاعن مطابق زلزلي جا جھٽڪا گادءَ واري شھر اسلام آباد، راولپنڊي، لاھور، پشاور، آزاد ڪشمير، چترال، مالاڪنڊو ڊويزن، نوشھره، مري ۽ ويجھن علائقن، خوشاب، لوئر دير، بٽگرام، ميانوالي، شانگله سميت ڪيترن علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، ابتدائي اطلاعن مطابق پشاور جي علائقي چار سده ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زلزلي جا جھٽڪا ڪيترن سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button