اليڪشن 2013مورو

پ پ کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪيو، عاقب خان جتوئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

پ پ کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪيو، عاقب خان جتوئي
پ پ کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪيو، عاقب خان جتوئي
اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 19 جي اميدوار عاقب خان جتوئي ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني ۾ سماجي شخصيت ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو،۽ برادري پاران منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هن تڪ جي عوام جي هر وقت خدمت ڪئي آهي ڇو نه پوءِ هن علائقي ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون هجن، برسات جا راڱا هجن پر اسان عوام سان هر وقت ڏک سک ۾ گڏ رهيا آهيون ۽ هتي جي عوام جي وس آهر خدمت ڪئي آهي اهو ئي سبب آهي جو هر اليڪشن ۾ اسان هتان جي عوام پنهنجا قيمتي ووٽ ڪري سوڀارو ڪري اسيمبلين تائين پهچايو آهي هن وڌيڪ چيو ته پ پ عوام سان اٽي لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر انهن کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪيو عوام کي اجهو اٽو ۽ لٽو ڏيڻ بجاءِ انهن کان اهي سڀ شيون کسي ورتيون ۽ بک بدحالي بي روزگاري ۽ مهنگائي جي اڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو جنهن جي ڪري عوام هن وقت باغي ٿي پ پ وارن جي گهرن تي احتجاج طور توا ۽ چوڙيون ٽنگي رهيا آهن ۽ سندن ورڪ دوران خراب ٽماٽرن ۽ بيضن سان استقبال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسان جو هر هنڌ دهلن شرنائين ۽ گلاب جي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ٿو وڃي ان سان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي نيت صاف آهي اسان اسمبلي ۾ هجون يا ان کان ٻاهر سدائين عوام جي فلاح ۽ بهبود جي ڳالھ ڪئي آهي هن وقت اسان کي اميد آهي ته هن علائقي جو عوام هر دفعي وانگر هن اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو ان موقعي تي ڪانڌڙا براردري کيس يقين ڏياريو ته اين پي پي اميدوارن جي ڀرپور ساٿ ڏبو، جڏهن ته ان موقعي تي سابق تعلقي ناظم ڊاڪٽر ڄام نور، صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو، طالب ڪانڌڙو، علي نواز ڪانڌڙو،جاويد مصطفى ڪانڌڙو، وڏيرو علي اصغر سولنگي، جمن ڪانڌڙو، ، منظور شاھ منظور ، مقبول سوهو، ڊاڪٽر ڇٽل ڪانڌڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن پي ايس 19 جي اميدوار عاقب خان جتوئي يوسي فتو ٻلال جي مخلتف ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪيا ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button