اليڪشن 2013باڊھ

پ پ عوامي پارٽي آهي، فيض محمد کوکر

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
Badah; Candidate PS 41 Faiz Muhamd Khokhar Pic Badah 05-04-2013باڊهه: وارهه، نصيرآباد ۽ ڏوڪري تعلقن تي مشتمل صوبائي تڪ پي ايس 41 تي پ پ پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ علائقي جي مشهور شخصيت زميندار فيض محمد کوکر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ جي پارلياماني بورڊ کي پي ايس 41 جي سيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي، مون کي اميد آهي پ پ جي قيادت مون کي ان تڪ تي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ضرور ڏيندي، هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جنهن پنهنجي 5 سالن جي دور حڪومت ۾ عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام پ پ جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو، هن چيو ته پ پ جي خلاف واويلا ڪندڙ سياسي يتيمن کي عوام ايندڙ چونڊن ۾ مڪمل طور رد ڪري پ پ اميدوارن کي سوڀارو بڻائيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button