اليڪشن 2013فيض گنج

پڪاچانگ: 40 سالن کان پ پ پ جا ڪارڪن ساٿ ڇڏي ويا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پڪاچانگ
PPP flag (640x406)پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي 40 سال پ پ پ کي ڏيندڙ به ساٿ ڇڏي ويا . پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي ڌڙا بندي کانپوءِ هاڻي پ پ پ سان 40 سالن کان هلندڙ به ساٿ ڇڏي رهيا آهن ڪالھه پي ايم ايل ف اڳواڻ ورڪ دوران پ پ پ جا جھونا ڪارڪن مير محمد شر ، جان محمد شر ، صبحان علي، چانگ کنڊ ڀنگو اتحاد برادري سميت پ پ پ ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي ويا هنن جو چوڻ هو ته پ پ پ هاڻي ڀٽن جي پارٽي نه رهي آهي اها پ پ پ محترمه جي موت کانپوءِ مري وئي پ پ پ ۾ مفاد پرست قابض ٿي ويا آهن مجبور ٿي پ پ پ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي هاڻي اسان فنڪشنل ليگ جو حصو آهيون پنهنجي اميدوار کي ڪامياب ڪنداسين . هوڏانهن پ پ پ اميدوار پنهنجي ورڪ شروع نه ڪئي آهي ذريعن ٻڌايو آهي ته پ پ پ اميدوار کي هر جڳھه تي سخت مزاهمت کي منهن ڌسڻو پئجي رهيو آهي جنهن ڪري هو پوزيشن ڪمزور ڏسي سخت مايوس ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button