پنوعاقل

پنوعاقل: پيپلن۽ ليگلن غريب عوام کي سواءِ ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو،علي گوهر انڍڙ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پنوعاقل

پنوعاقل: پيپلن۽ ليگلن غريب عوام کي سواءِ ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو،علي گوهر انڍڙ
پنوعاقل: پيپلن۽ ليگلن غريب عوام کي سواءِ ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو،علي گوهر انڍڙ
ملڪ ٺهڻ کان اڄ تائين واري واري سان حڪمراني ڪندڙ پيپلا۽ ليگلا غريب عوام کي سواءِ ٺلهن آسرن جي ڪجھ نه ڏئي سگهيا آهن،ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جي يو آءِ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ته جيئن تبديلي اچي سگهي،هتان جو عوام ڪنهن به ڊيپورٽ ٿيل اميدوار کي ووٽ نه ڪندو اهڙو اظهار پي ايس 3 تي جي يو آءِ جي پاران اميدوار سرادار علي گوهر انڍڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته مونکي 10 جماعتي اتحاد جو سهڪار آهي،آءُ انشاءَالله اڪثريت سان ڪمياب ٿي سنڌ ڌرتي جي حقن ۽ پنوعاقل جي عوام لاءِ آواز اٿاريندس،هن وڌيڪ چيو ته گذريل 60 سالن کان صرف ٻه جماعتون هڪ ٻئي جي پٺيان حڪمتون ٺاهينديون رهنديون آهن هنن پاڪستان جي غريب عوام کي سواءِ کوکلن واعدن جي ڪجھ نه ڏنو آهي ۽ هاڻي عوام هنن واعدي خلافن کي چڱي ريت پرکي چڪو آهي ۽ هاڻي هتان جو عوام جميعت جي اميدوار کي ووٽ ڏيندو ته جيئن خدا جي ڌرتي تي خدا جو نظام رائج ٿئي جنهن ۾ خلق خدا جي بهتري آهي، ان کان اڳ اڳواڻن ڳوٺ مير خان سوهو ۾ عبدالحميد سوهو جي رهائشگاھ تي جماعت جي ورڪرن کي پڻ خطاب ڪيو ۽ اليڪشن ۾ ڪتاب کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي،ان وقت ساڻس گڏ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا محمد صالح انڍڙ،ميان فضل الله سومرو،مولانا عبدالوهاب مهر،وڏيرو لياقت خان ٿهيم ۽ ٻيا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button