خيبر پختون خوا

پشاور: دھشتگردن جو گرڊ اسٽيشن تي حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

انڊس ميڊيا واچ

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
پشاور جي علائقي بڊھ ٻير ۾ گذريل رات اڻڄاتل دھشتگردن جي پاران واپڊا جي آفيس ۽ گرڊ اسٽيشن تي حملي کان پوءِ غائب ٿيندڙ 8 ڄڻن جا لاش ويجھو ميدان ۾ مليا آھن جڏھن ته چار اڃان غائب آھن.
حڪومتي اھلڪارن مطابق شدت پسندن شيخ محمد جي علائقي ۾ قائم 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن تي ست راڪيٽ فائر ڪيا جنھن سان گرڊ اسٽيشن ۾ باھ لڳي ويئي ۽ اھا مڪمل تباھ ٿي ويئي.
پوليس جو چوڻ آھي ته مارجي ويلن ۾ ايس ڊي او سميت واپڊا جا پنج ملازم ۽ ڊيوٽي ڏيندڙ پشاور پوليس جا ٽي اھلڪار به شامل آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button