اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي

فهيم ڀٽي ، ٽنڊو محمد خان
[jwplayer player=”3″ mediaid=”11877″]سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،

 ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
ان موقعي تي اين اي 222 تي فنڪشنل ليگ جو اميدوار پير سجاد جان سرهندي ، پي ايس 53 تي فنڪشنل ليگ اميدوار مير عنايت ٽالپر، جماعت اسلامي جي اڳواڻ نسيم اختر، پي ايس 54 تي 10 جماعتي اتحاد ۽ ايس ٽي پي جي اميدوار ڊاڪٽر احمد نوناري ، ايس يو پي جي اميدوار سيد بشير شاهه، ۽ پ پ جي عبدالطيف سومرو پنهنجو پارٽي منشور ۽ چونڊن کانپوءِ عوامي ترقي جا پروگرام پيش ڪيا، ان موقعي تي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن اميدوارن کان مختلف چڀندڙ سوال پڻ ڪيا جنهن تي اميدوارن جا پگهر نڪري آيا، کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽو، انڊس فيوچر فائونڊيشن جي چيئرمين پنهل ساريو، ڊائريڪٽر اصغر لغاري، اعظم ڀٽي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مشڪور ڦلڪارو، عبدالحڪيم ميمڻ ، مشتاق سمون ۽ ٻين ووٽ جي اهميت تي روشني وڌي، هنن چيو ته وقت تبديل ٿي ويو آهي ۽ عوام ۾ سجاڳي اچي رهي آهي جيڪڏهن هاڻ ووٽ ذريعي صحيح فيصلو نه ڪيو ويو ته عوام کي ٻيهر پنج سال ڀوڳڻو پوندو ۽ سنڌ جي ورهاڱي جهڙين سازشن کي منهن ڏيڻو پوندو، هنن چيو ته عوام هاڻي سوچي سمجهي ۽ درست طريقي سان ووٽ جو حق استعمال ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button