اليڪشن 2013مختصر خبرون

هنڱورجا:سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، ڪاظم علي شاهه لڪياري

اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري هنڱورجا ۾ ڪارڪنن جي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ مخالف اميدوار کي شڪست ڏيندس. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن اٽي لٽي ۽ اجهي واري ڏٽي تي هاڻي عوام ڪڏهن به ووٽ نه ڏيندو . پير پاڳارو خاندان اڳ به سنڌ جي حفاظت ڪئي آهي آڻي به سنڌ جو محافظ آهي ميڙاڪي کي پي ايس 34 جو اميدوار سيد اسماعيل شاهه راشدي ضلعي سيد محرم علي شاهه، تعلقي صدر سيد عباس علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button