اسلام آباد

صدر آصف علي زرداري پاران زلزلي سبب ايران ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ تباهي تي ڏک جو اظهار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مانيٽرنگ ڊيسڪ، اسلام آباد

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
صدر آصف علي زرداري ايران ۽ پاڪستان جي سرحد جي ويجهو آيل وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ ايران ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ صدر حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام ۽ خاص طور تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم صدمي جي ان گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ايران جي حڪومت ۽ عوام بهادري سان ان چئلينج تي ضابطو آڻي وٺندي، صدر پنهنجي پيغام ۾ تباهي جي ان گهڙي ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام لاءِ هر ممڪن امداد جي به آڇ ڪئي، هن خطي جي ٻين حصن ۾ به زلزلي جي متاثر ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button